اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) ڄمون ڪشمير لبريشن فرنٽ ”شهداءِ ڄمون ڏهاڙي“ جي موقعي تي ڄمون ڪشمير جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. آزاد ڪشمير گلگت بلتستان ۾ منعقد مختلف تقريبن ۾ لبريشن فرنٽ جي اڳواڻن جو آزادي حاصل ڪر?? تائين جدوجهد جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. هڪ تقريب ۾ مرڪزي ترجمان محمد رفيق ڊار پاران ڄمون جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو. ڄمون ڪشمير لبريشن فرنٽ ”شهداءِ ڄمون ڏهاڙي“ جي موقعي تي سمورن ڄمون ڪشمير شهيدن کي خصوصي خراج عقيدت پيش ڪري ٿو. لبريشن فرنٽ جي اڳواڻن آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ منعقد مختلف تقريبن ۾ ڄمون جي شهيدن کي ??اد ڪندي قربانين سان لبريز تحريڪ کي مڪمل آزادي حاصل ڪر?? تائين جاري رکڻ جو عزم جو ورجاءُ ڪيو. سينٽر?? انفار??يش?? آفيس پاران جاري بيان موجب اسلام آباد ۾ شهداءِ ڄمون ڏهاڙي جي حوالي سان منعقد هڪ تقريب ۾ پارٽي جي مرڪزي ترجمان محمد رفيق ڊار 6 نومبر 1947ع جي سانحي کي ??اد ڪندي ڄمون جي شهيدن سميت سمورن ڄمون ڪشمير جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ پنهنجي زور تي ان جائز ۽ حق ۽ انصاف تي ٻڌل تحريڪ کي جاري رکڻ جو وچن ورجايو.