تاشقند – 10 – نومبر (اي پي پي) نگران ??زيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ڀارت جي ڌيان ???? ڏيڻ جي باوجود پاڪستان ??نهنجي ۽ خطي جي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ تاپي گئس پائيپ لائين منصوبو مڪمل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، پاڪ ڀارت لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ جي لاءِ ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل ڪرڻو پوندو، غزه ۾ ٿيندڙ تباهي جا اثر خطي ۽ ان کان ??اهر تائين پکڙجڻ جي نتيجن کان خبردار رهندي اتي فوري جنگبندي تي زور ڏنو ??هي. تاشقند ۾ اقتصادي تعاون تنظيم جي 16 هين سربراهي اجلاس جي موقعي تي خابرو اداري اناطوليه کي خصوصي انٽرويو ۾ هن چيو ته خطي ۾ هڪ کليل انساني الميو نظر ا??ي رهيو آهي ۽ ان جا اثر نه رڳو خطي تي پر شايد خطي کان ??اهر به پوندا. هن غزه ۾ جنگ جي فوري خاتمي تي زور ڏنو. نگران ??زيراعظم خوراڪ، دوائن ۽ ٻين ضروري شين جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي لاءِ انساني لنگهه قائم ڪرڻ جو مطالبو به ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي ايندڙ خصوصي اجلاس ۾ شرڪت جو منتظر آهي. او آءِ سي کي غزه جي صورتحال تي غور ڪرڻ گهرجي ۽ اجتماعي ردعمل ظاهر ڪرڻ گهرجي. بنا دستاويزن جي رهندڙ افغان ??ناهگيرن کي واپس موڪلڻ جي پاڪستان جي قدم جو دفاع ڪندي هن چيو ته سندس ملڪ اهو فيصلو ٿوري دير سان ڪيو پر اسان سرحد تي اچ وڃ کي منظم بڻائڻ جي لاءِ تمام گهڻو پرعزم آهيون. هن چيو ته دنيا ۾ ڪٿي به ۽ ڪنهن به ملڪ پاران غيرقانوني اميگريشن جي حوصلا افزائي نه ڪئي وئي آهي ته پاڪستان سان خصوصي طور تي اهو سلوڪ ڇو ڪيو وڃي ٿو ته هو غيردستاويز افغان شهرين سان ??ئي نموني جو سلوڪ ڪري. هر ملڪ ٻين ملڪن جي شهرين جي منظم اچ وڃ چاهيندو آهي، ڊگهي مدي ۾ اهو افغان شهرين ۽ پاڪستانين جي بهترين مفاد ۾ هوندو ته ٻي دنيا وانگر معمول موجب منظم اچ وڃ ٿئي. ترڪيه ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي شاندار قرار ڏيندي هن ترڪيه ۽ پاڪستان جي وچ ۾ رابطي ۽ تعاون کي وڌائڻ تي زور ڏنو. هن چيو ته واپار، زراعت ۽ دفاع جهڙا ڪيترائي شعبا آهن جن ۾ لاڳاپن کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو ۽ ڪجهه لنگهن کي ترقي ڏئي ترڪيه، پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ رابطن کي بحال ڪري سهگجي ٿو جيڪو سڀني قومن ۽ سڄي خطي کي ڪيترائي موقعا فراهم ڪندو. ترڪمانستان، افغانستان، پاڪستان ۽ انڊيا (تاپي) جيڪو اربين ڊالر جو توانائي ڪوريڊور آهي بابت نگران ??زيراعظم چيو ته ڀارت پاران ??بينا عدم دلچسپي جي ڪري پاڪستان جو ڌيان ڊگهي عرصي کان التوا هيٺ منصوبن مان ??ائدو حاصل ڪرڻ تي مرڪوز آهي. تاپي جي حوالي سان ترڪمانستان، افغانستان ۽ پاڪستان ??اران ڪافي جوش خروش ڏٺو وڃي ٿو، اهو ڀارتي معيشت کي توانائي جي سستي ۽ پائيدار فراهمي کي يقيني بڻائي سگهي ٿو پر جيڪڏهن هو انهن سڀني انتظامن جي فائدي کان ??اهر رهڻ جي چونڊ ڪري ٿو ته هو هاڻي به ائين ڪري سگهن ٿا پر منهنجو خيال آهي ته ڀارت سان ??ا ان کانسواءِ ترڪمانستان جي گئس کي هن خطي جي معاشي فائدا حاصل ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو ۽ اسان ان ??دف کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ تمام وڌيڪ ڌيان ڏئي رهيا آهيون. 7 ارب ڊالر جي ان ??نصوبي جو مقصد ترڪمانستان جي گلڪنيش ۽ لاڳاپيل گئس فيلڊز مان ??درتي گئس افغانستان، پاڪستان ۽ ڀارت تائين پهچائڻ آهي. ايشيائي ترقياتي بئنڪ ان ??نصوبي ۾ سهولتون ۽ تعاون فراهم ڪري رهي آهي جنهن ۾ 56 انچ قطر جي 1680 ڪلوميٽر (هڪ هزار 44 ميل) پائيپ لائين وڇائڻ جي تجويز آهي جنهن جي ڊيزائن جي گنجائش 33 ارب مڪعب ميٽر ساليانو قدرتي گئس ترڪمانستان کان افغانستان ۽ پاڪستان جي رستي پاڪ ڀارت سرحد تائين پهچائي ويندي. پراڻي حريف ڀارت سان ??اڪستان جي پراڻن ڇڪتاڻ وارن لاڳاپن بابت ڳالهائيندي نگران ??زيراعظم ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته 2 ائٽمي هٿيارن سان ??يس پاڙيسرين جي وچ ۾ لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ جي لاءِ ڪشمير جي تڪرار کي حل ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ڪشمير ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ هڪ حل طلب مسئلو آهي. پاڪستان جو روايتي موقف آهي ته ان کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب حل ٿيڻ گهرجي. ڪشميرين کي پنهنجي مستقبل، پنهنجي تقدير جو تعين ڪرڻ جو پورو حق حاصل آهي ۽ پاڪستان سدائين سفارتي ۽ سياسي طور تي ان جي ان ??وقف جي حمايت ڪندو، جيڪڏهن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي معمول تي آڻڻو آهي ته ڪشمير مسئلي کي حل ڪرڻو پوندو. ڪڏهن ۽ ڪيئن لاڳاپن کي معمول تي آڻي سگهجي ٿو ان جو جواب ڳولڻ يقيني طور تي معاشري جي هر طبقي بشمول قيادت، دانشورن، ڪاروباري ماڻهن ۽ ٻنهي ملڪن جي سول سوسائٽي جي لاءِ هڪ چئلينج آهي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن خطي کي گڏيل طور تي هڪ ٻئي کان ??ائدو وٺڻو آهي ته ان کي معمول تي آڻڻو پوندو. هن چيو ته هو هڪ پراميد انسان آهي ۽ جڏهن به مشڪل حالتون هونديُون آهن ته کيس سدائين هڪ اميد رهندي آهي ۽ ائين ئي ڀارت ۽ پاڪستان جي لاڳاپن بابت به آهي. اسان 3 جنگيون وڙهيون آهن پر ڇا 2 ارب جي آبادي سدائين جي لاءِ جنگ جي حالت ۾ رهي سگهي ٿي؟.