اسلام آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پي آءِ اي جي موجوده صورتحال هڪ ڏينهن ۾ پيدا ??اه?? ٿي، قومي ??ضا??ي ڪمپني جي نجڪاري پڻ نجڪاري جي فهرست ۾ شامل آهي. سينيٽ ۾ پي آءِ اي جي صورتحال بابت سينيٽر ڪامران مرتضيٰ جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس جي جواب ۾ نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته پي آءِ اي جي صورتحال هڪ ڏينهن ۾ پيدا ??اه?? ٿي، اڳوڻي حڪومت جي دور ۾ به نجڪاري جو هڪ منصوبو ڏنو ويو نگران حڪومت ان تي عمل ڪري رهي آهي، پي آءِ اي ۾ ملازمن جو وڌيڪ انگ ۽ ڀرتين جو معاملو پڻ رڳو ڪنهن هڪ حڪومت سان لاڳاپيل نه آهي، حڪومت ۽ پارليامينٽ جو استحقاق آهي ته اهي ڪهڙي طرح جي پاليسي اختيار ڪن ٿا، پي آءِ اي جي نجڪاري به نجڪاري جي فهرست ۾ موجود آهي. هن چيو ته پي ايس او به خودمختيار ادارو آهي، اهو بنا پئسي جي ٻارڻ ڪيئن فراهم ڪندو وڏي مشڪل سان فنڊز جو ??نت??ام ڪري رڪيل اڏامن کي بحال ڪرايو ويو آهي. هن چيو ته اهو معاملو ايندڙ اجلاس ۾ هواباز?? واري نگران وفاقي وزير ۽ نجڪار?? واري نگران وفاقي وزير جي موجودگي ۾ اٿاريو وڃي ته اهي بهتر جواب ڏئي سگهندا.