اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) نگر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاڪستان جي ترقي ۾ بوه??ه برادري جي ڪردار کي ساراهيندي چيو آهي ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام بوه??ه برادري جي خدمتن کي قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا. نگر??ن وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار دائودي بوه??ه برادري جي روحاني پيشوا ڊاڪٽر سيدنا مفضل سيف الدين جي قيادت ۾ بوه??ه برادري جي 8 رڪني وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ نگر??ن وزيراعظم جو بين المذاهب هم آهنگي ۽ وچ اوڀر ۽ اسلامي ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين بابت خصوصي نمائندو مولانا طاهر اشرف پڻ شريڪ هو. نگر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڊاڪٽر سيدنا مفضل سيف الدين جي پاڪستان جي دوري جي آجيان ڪندي بوه??ه برادري جي پاڪستان جي ترقي ۾ ڪردار کي ساراهيو. نگر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڊاڪٽر سيدنا مفضل سيف الدين جي تعليمات ۾ ماحولياتي آلودگي گهٽ ڪرڻ ۽ صفائي سٿرائي جي موضوعن تي خاص ڌيان کي پڻ ساراهيو. نگر??ن وزيراعظم چيو ته پاڪستاني حڪومت ۽ عوام بوه??ه برادري جي پاڪستان جي لاءِ خدمتن کي قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا. نگر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڊاڪٽر مفضل سيف الدين کي سندس پاڪستان جي لاءِ خدمتن جي اعتراف ۾ مليل نشان پاڪستان تي کيس مبارڪباد ڏني. بوه??ه برادري جي وفد نگر??ن وزيراعظم کي عالمي سطح تي موسمياتي تبديلي جي اسرندڙ ملڪن جي لاءِ هاڃيڪار اثرن کي اجاگر ڪرڻ جي قدمن تي خراج تحسين پيش ڪيو. نگر??ن وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته موسمياتي تبديلي جي هاڃيڪار اثرن کان پوري عالم جي انسانيت کي خطرو لاڳو آهي، مذهبي پيشوائن کي پنهنجي تعليمات ۾ ان اهم موضوع تي تسلسل سان ڳالهه ڪرڻ گهرجي. وفد نگر??ن وزيراعظم جي قيادت ۾ حڪومت جي بين المذاهب هم آهنگي جي قدمن کي پڻ ساراهيو. نگر??ن وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ هر مذهب ۽ رنگ ۽ نسل جا ماڻهو موجود آهن ۽ انهن کي برابري جا حق حاصل آهن، بوه??ه برادري پاڪستان قائم ٿيڻ ک??ن وٺي هيستائين ملڪ جي هر شعبي ۾ اڻٿڪ خدمتون سرانجام ڏنيون. نگر??ن وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته بوه??ه برادري اڳتي به پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ائين ئي اهم ڪردار ادا ڪندي رهندي.