اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي گهرواريءَ ثمينه عارف علوي خصوصي ما??هن کي قومي ڌارا جي اقتصادي سرگرمين جو حصو بڻجڻ ۾ مدد ڪرڻ جي لا??ِ موقعا فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته خصوصي ما??هن کي معاون ٽيڪنالاجي ۽ بحالي جي خدمتن تائين پهچ فراهم ڪئي وڃي ته اهي معاشري ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. نيٽ ورڪ آف آرگنائيزيشنز ورڪنگ وِد پرسنز وِد ڊِس ايبلٽيز پاڪستان (اين او ڊبليو پي ڊي پي) جي گريجوئيشن تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته اها رياست ۽ معاشري جي گڏيل ذميواري آهي ته خصوصي ما??هن جي شموليت کي يقيني بڻايو وڃي. ثمينه عارف علوي چيو ته خصوصي ما??هو ملڪ جي آبادي جو 10 کان 12 سيڪڙو آهن جڏه?? ته انهن جي معاشري ۽ عوامي سطح تي نمائندگي جي کوٽ آهي. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته معذوري بابت منفي روين جي ڪري خاندانن پنهنجي اهڙن ما??هن کي گهرن تائين محدود رکيو ۽ انهن جي ٻاهرئين سرگرمين کان پاسو ڪن ٿا. ان کانسواءِ عوامي عمارتن ۽ پارڪن ۾ ريمپس جهڙي بنيادي ڍانچي جي کوٽ پڻ معذور ما??هن جي چرپر کي محدود ڪري ٿي. ثمينه عارف علوي معاشري ۾ انهن جي شموليت کي يقيني بڻائڻ جي لا??ِ مرڪزي ڌارا جي اسڪولن ۾ اهڙن شاگردن کي تعليم ڏيڻ تي زور ڏنو. هن استادن جي تربيت ۽ معاشري کي حساس بڻائڻ تي زور ڏنو ته جيڪڏهن خصوصي ما??هن کي معاون ٽيڪنالاجي ۽ بحالي جي خدمتن سميت وسيع موقعا فراهم ڪيا وڃ?? ته اهي معاشري ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته ايوان صدر جي پليٽ فارم تان خصوصي ما??هن کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ بابت شعور اجاگر ڪرڻ جي لا??ِ هڪ جامع آگاهي مهم هلائي وئي آهي، ان مهم کي غيرسرڪاري تنظيمن، چيمبرز آف ڪامرس ۽ ميڊيا جي حمايت حاصل رهي آهي. هن سرڪاري ۽ نجي شعبي جي کاتن بشمول بئنڪن، چيمبرز آف ڪامرس ۽ ويلفيئر فائونڊيشنز تي زور ڏنو ته اهي خصوصي ما??هن کي ايڊجسٽ ڪرڻ جي لا??ِ ٺوس پاليسيون جو اختيار ڪن. هن ان ڳالهه کي ساراهيو ته حڪومت ۽ بئنڪون خصوصي ما??هن جي مالي پاڻڀرائپ کي يقيني بڻائڻ جي لا??ِ انهن کي آسان قرض ڏئي رهيا آهن. جڏه?? ته حڪومت يونيورسٽين ۽ ٻين تعليمي ادارن ۾ اهڙن شاگردن کي وظيفن ۽ فيسز ۾ ڇوٽ ڏئي رهي آهي. ثمينه علوي سرڪاري نوڪرين ۾ خصوصي ما??هن جي لا??ِ مخصوص ڪوٽا کي پورو ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ نجي شعبي تي به زور ڏنو ته اهي ان جي پيروي ڪن. هن ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته اين او ڊبليو پي ڊي پي اهڙن ما??هن کي مارڪيٽ جي ضرورتن موجب هنر تي ٻڌل تربيت ڏئي رهيو آهي ۽ انهن کي روزگار حاصل ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪري رهيو آهي.