اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ڏکڻ آ??ريقا پاران انصاف جي عالمي عدالت ۾ غزه ۾ فلسطيني عوام تي ڪيل ظلمن ۽ 1951ع جي نسل ڪشي ڪنوينشن تحت اسرائيل پاران پنهنجي ذميوارين جي خلاف ورزين بابت داخل درخواست جي حمايت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان ان قانوني ڪارروائي کي وقت سر سمجهون ٿا ۽ اسرائيل کي 7 آڪٽوبر 2023ع ??ان فلسطيني عوام جي خلاف ٿيندڙ ظلمن جو حساب ڏيڻ طرف هڪ اهم قدم سمجهون ٿا. هن چيو ته ڏکڻ آ??ريقا جي درخواست ۾ اٿاريل خدشن جو پاڪستان پڻ اظهار ڪري ٿو. ترجمان چيو ته اسرائيل جي جاري فوجي جارحيت ۽ فلسطيني عوام جي خلاف قدم جنگي ڏوهه ۽ انسانيت جي خلاف ڏوهه ۽ نسل ڪشي جي برابر آهن. هن چيو ته اسان فوري ۽ غ??رم??روط جنگبندي، اسرائيل پاران فلسطيني عوام جي بيدردي سان قتل عام جي خاتمي، غيرانساني گهيراءُ کي ختم ڪرڻ ۽ فلسطيني عوام کي انساني امداد جي فوري پهچ جي مطالبي جو ورجاءُ ڪريون ٿا. ترجمان چيو ته پاڪستان ان ڳالهه تي پختو يقين رکي ٿو ته فلسطين مسئلي جو واحد منصفاڻو حل جون 1967ع کان اڳ جي سرحدن سان گڏ هڪ آزاد، قابل عمل، خودمختيار ۽ متصل فلسطيني رياست جو قيام آهي جن??ن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي.