اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ايران ٻنهي ملڪن جي سفيرن جي 26 جنوري 2024ع ت??ئي?? پنهنجي پنهنجي ذميوارين تي واپسي تي اتفاق ڪيو آهي، ايران جو پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان 29 جنوري 2024ع تي پاڪستان جو دورو ??ندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري اسلامي جمهوريه پاڪستان ۽ اسلامي جمهوريه ايران جي گڏيل پريس بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۽ ايران جي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه کانپوءِ گڏيل طور تي ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو آهي ته ٻنهي ملڪن جا سفير 26 جنوري 2024ع ت??ئي?? پنهنجي پنهنجي عهدن تي واپس ٿي سگهن ٿا. بيان موجب ن??ران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني جي دعوت تي ايران جو پرڏيهي وزير حسين عامر عبداللهيان 29 جنوري 2024ع تي پاڪستان جو دورو ??ندو.