اسلام آباد – 31 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته سينيئر ??حا??ي پرويز شوڪت مرحوم پنهنجي چار ڏهاڪن تي ٻڌل ??حا??تي دور ۾ سدائين ??حا??ين ۽ ميڊيا ورڪرز جي حقن جي لاءِ آواز اٿاريو، ميڊيا ورڪرز جي لاءِ مرحوم جي بي لوث خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو، ٽيڪنالاجي جي تبديلي سان نوان رجحان سامهون اچي رهيا آهن، عوام کي ڄاڻڻ جو حق ??حا??ت آهي، مستقبل جي ميڊيا ڊيجيٽل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (ورڪرز) جي اهتمام هيٺ پي ايف يو جي ورڪرز جي صدر، ايپنڪ جي اڳوڻي چيئرمين سينيئر ??حا??ي پرويز شوڪت مرحوم جي ياد ۾ منقعد تعزيتي ريفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته پرويز شوڪت پنهنجي چار ڏهاڪن تي ٻڌل ??حا??تي دور ۾ سدائين ميڊيا ورڪرز جي معاشي حقن جي لاءِ آواز اٿاريو، هو ??حا??ين ۽ ميڊيا ورڪرز جو مضبوط آواز هو، ميڊيا ورڪرز ۽ ??حا??ت جي شعبي ۾ سندس بي لوث خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن چيو ته پرويز شوڪت هڪ سٺو ۽ مخلص انسان هو، هن پنهنجي زندگي ۾ سدائين ??حا??ين ۽ ميڊيا ورڪرز جي حقن جي جنگ وڙهي، مرحوم هڪ عظيم ورثو ڇڏيو آهي جنهن کي ان جي ساٿي اڳواڻن کي اڳتي وڌائڻ گهرجي. هن چيو ته اسان ??ي پرويز شوڪت مرحوم جي ڪاميابين تي رشڪ آهي. هن چيو ته پرويز شوڪت جي لاڏاڻي سان پريس ۽ ميڊيا انڊسٽري ۾ جيڪو خال پيدا ٿيو آهي اهو ڪڏهن ڀرجي نه ٿو سگهبو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته ٽيڪنالاجي تبديل ٿي رهي آهي ۽ نوان رجحان سامهون اچي رهيا آهن جن ۾ ڪجهه مثبت ۽ ڪجهه منفي آهن. هن چيو ته آرٽيفيشل انٽيلي جنس، وائيس ڪلوننگ، ڊس انفارميشن، پروپئگنڊه جي دور ۾ ميڊيا ورڪرز جي حقن ۽ معاشي مستقبل جو تحفظ ڪرڻ هڪ مشڪل ڪم آهي جنهن تي ڪميونٽي جي طور تي اسان ??ي سنجيدگي سان سوچڻ گهرجي. هن چيو ته ??حا??ت هڪ مشن ۽ عوام جي ڄاڻڻ جو حق آهي، ان حق جي لاءِ وڙهڻ به ??حا??ت آهي. هن چيو ته مستقبل جي ميڊيا ڊيجيٽل آهي، ميڊيا جي اندر چڪاس جو نظام لازمي جز جي حيثيت رکي ٿو، اسان ??ي ان نظام کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪڏهن اهو نظام ختم ٿي ويو ته ??حا??ت به ختم ٿي ويندي. هن ڊيجيٽل اد??را قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته اسان ??ي مستقبل جي ٽيڪنالاجي جي عالمي رجحانن سان ??ڏ اڳتي وڌڻو پوندو. هن چيو ته پرويز شوڪت مرحوم پنهنجي دور جي گهرجن کي سامهون رکندي ميڊيا ورڪرز ۽ ??حا??ين جي حقن جو دفاع ڪيو، اڄ کيس خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو اهو ئي بهترين طريقو آهي ته اسان انهن معاملن تي سنجيدگي سان سوچون ۽ موجوده دور جي گهرجن سان هم آهنگ ٿيندي اڳتي وڌون. تعزيتي ريفرنس ۾ سينيئر سياستدان فرحت الله بابر، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد ۽ ??حا??ين جي وڏي انگ پڻ شرڪت ڪئي.