اسلام آباد – 01 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ڀارتي عملدارن پاران مسلم ڪانفرنس ڄمون ۽ ڪشمير جي بٽ ۽ سمجهي ڌڙن تي پابندي هڻڻ ۽ جماعت اسلامي ڄمون ۽ ڪشمير تي موجوده پابندي کي وڌيڪ 5 سالن تائين وڌائڻ جي فيصلي جي مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پري?? بريفنگ ۾ چيو ته ان فيصلي کانپوءِ ڀ??رت جي غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 8 ڪشميري سياسي پارٽين ک?? غيرقانوني قر??ر ڏنو ويو آهي. هن چيو ته انهن سياسي پارٽين جي قيادت ۽ ڪارڪنن ک?? پڻ ظلم ۽ ڏاڍ درپيش آهي. ترجمان چيو ته اهي جابراڻا قدم عالمي انساني حقن ۽ انساني حقن جي مڪمل خلاف ورزي ڪندي ڀ??رت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ اختلاف راءِ ۽ اظهار راءِ جي آزادي کي دٻائڻ جي ڀ??رت جي مڪروهه ارادي جي عڪاسي ڪن ٿا. ترجمان چيو ته ڀ??رت ڪالعدم ڪشميري پارٽين تان پابنديون فوري هٽائي، سمورن سياسي قيدين ک?? آزاد ڪري ۽ ڄمون ۽ ڪشمير بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قر??ردادن تي فوري عملدرآمد ڪيو وڃي.