اسلام آباد – 08 مارچ (اي پي پي) پاڪستان جي نئي صدر جي چونڊ لاءِ پولنگ (اڄ) ڇنڇر تي منعقد ٿيندي. پارليامنٽ هائوس ۽ چئني صوبائي اس??مبلين ۾ قائم پولنگ اس??يشنن تي چونڊيل ميمبر صبح 10 وڳي کان شام 4 وڳي تائين پنهنجي راءِ ڏي?? جو حق استعمال ڪري سگهندا. صدارتي چونڊ ۾ حڪمران اتحاد جو اميدوار اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ۽ سني اتحاد ڪونسل ۽ ٻين اپوزيشن پارٽين جو نامزد اميدوار محمود خان اچڪزئي وچ ۾ مقابلو آهي. سينيٽ ۽ قومي اس??مبلي جا ميمبر پارليامنٽ هائوس ۾ اس??مبلي هال ۾ پنهنجو ووٽ وجهندا. صدر جي چونڊ گجهي راءِ شماري جي بنياد تي ٿيندو جتي سينيٽ، قومي اس??مبلي، بلوچستان اس??مبلي جي هر ميمبر جو هڪ ووٽ شمار ٿيندو جڏهن ته پنجاب، خيبرپختونخوا ۽ سنڌ اس??مبلي ۾ ميمبرن جي انگ کي بلوچستان اس??بلي جي برابر ووٽن ۾ ورهائي شرح ڪڍي ويندي. صدر مملڪت جي چونڊ لاءِ اليڪشن ڪميشن طرفان شيڊول پهرين مارچ تي جاري ڪيو ويو ??و جنهن مطابق نامزدگي ڪاغذ 2 مارچ، انهن جي ڇن?? ڇاڻ 4 مارچ، نامزدگي ڪاغذن جي واپسي 5 مارچ جڏهن ته ريٽائرمنٽ جي تاريخ 6 مارچ مقرر ڪئي وئي هئي. اليڪشن ڪميشن صدارتي چونڊ ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن کي چيو آهي ته اهي پولنگ جو عمل شروع ٿيڻ کان اڳ لاڳاپيل ايوان يا اس??مبلي جي ميمبرن مان هڪ هڪ پولنگ ايجنٽ نامزد ڪري سگهن ٿا جيڪو پولنگ ۽ ڳڻپ جي عمل جو مشاهدو ڪندو.