برسلز – 22 – مارچ (اي پي پي) پرڏ??هي وزير محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته بيلجيئم ۽ عالمي ائٽمي توانائي ايجنسي (آءِ اي اي اي) جي ميزباني ۾ برلسز ۾ ٿيندڙ پهرين نيوڪليئر سمٽ ۾ پاڪستان جي ڀرپور نمائندگي ڪئي، سربراهه اجلاس دوران ترڪيه جي پرڏ??هي وزير، گڏيل عرب امارات جي توانائي ۽ انفراسٽرڪچر واري وزير کانسواءِ چين جي نائب وزيراعظم سان مثبت ۽ حوصلي جوڳيون ملاقاتون ٿيون. برسلز ۾ منعقد ائٽمي توانائي سربراهي اجلاس ۽ برسلز جي دوري جي حوالي سان هڪ وڊيو پيغام ۾ هن چيو ته نيوڪليئر سمٽ جي موقعي تي ??المي ائٽمي توانائي اداري جي ڊائريڪٽر جنرل ۽ آذربائيجان جي پرڏ??هي وزير سان پڻ ملاقات ٿي. پرڏ??هي وزير محمد اسحاق ڊار چيو ته گذريل حڪومت جي دور ۾ گڏيل وزارتي ??جلاس جي موقعي تي ??ذربائيجان جي صدر ۽ ٻين حڪومتي ??هديدارن سان ملاقاتون ٿيون هيون جنهن ۾ گڏيل دوستي ۽ حمايت جو ورجاءُ ڪيو ويو. هن چيو ته موسمياتي ??بديلي سان جيڪي ملڪ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن يا جن کي نقصان ٿي سگهن ٿا انهن ۾ پاڪستان به شامل آهي، گذريل ٻوڏ ۾ پاڪستان کي شديد نقصان کي منهن ڏيڻو پيو. هن نيوڪليئر سمٽ کي حوصلي جوڳو قرار ڏيندي چيو ته ان ۾ نوان آئيڊياز سامهون آيا آهن جن جي پاڪستان حمايت ڪئي. هن چيو ته پاڪستان ائٽمي توانائي سان ساڍا ٽي هزار ميگاوا?? کان وڌيڪ بجلي ٺاهي رهيو آهي، گذريل سال پي ڊي ايم حڪومت چشما جي سي فائيو منصوبي جي منظوري ڏني هئي ۽ چين جي معاونت سان اسان ان منصوبي تي ڪم ڪري رهيا آهيون. پرڏ??هي وزير چيو ته اها ڳالهه خوش آئنده آهي ته نيوڪليئر سمٽ دوران شرڪت ڪندڙن چيو ته پن بجلي کانپوءِ ائٽمي توانائي متبادل توانائي آهي، پن بجلي کانپوءِ اها محفوظ ۽ گهٽ لاڳت سان تيار ٿيندڙ بجلي آهي ۽ هن وقت دنيا کي ان جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسرندڙ ملڪن کي مالياتي ??دارا نيوڪليئر جي ڪري ان جي فنانسنگ نه ڪندا هئا پر هاڻي عالمي سطح تي ??ن بابت راءِ تبديل ٿي رهي آهي. پرڏ??هي وزير محمد اسحاق ڊار چيو ته مون نيوڪيلئر سمٽ جي موقعي تي چيو ته گهڻ رخي ادارن کي ان جي فنانسنگ تي ??ور ڪرڻ گهرجي ته جيئن اسرندڙ ملڪن کي به ائٽمي توانائي ملي سگهي ۽ اهي ان جا منصوبا لڳائي سگهن. هن چيو ته سربراهه اجلاس دوران ڪيترن ئي ملڪن جي وزيراعظمن ۽ وفدن جي سربراهن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته عالمي مالياتي ۽ گهڻ رخي ادارن کي گهرجي ته اهي ان تجويز تي ??ور ڪن. هن چيو ته سندس برسلز جي دوري دوران بيلجيئم ۾ پاڪستان جي سفير آمنه بلوچ، ويانا ۾ پاڪستان جي سفير آفتاب کوکر ۽ سندس ٽيم تمام گهڻو متحرڪ ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته هي دورو جيتوڻيڪ مختصر هو پر گهٽ وقت ۾ پاڪستان جي ڀرپور نمائندگي ڪئي.