اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪ بحريه جي اتر عرب سمنڊ ۾ منشيات اسمگلنگ جي ڪوشش ناڪام بڻائڻ کي ساراهيندي چيو آهي ته پاڪ بحريه جا جوان ملڪي سامونڊي حدن جي حفاظت، سامونڊي ڦرلٽ ۽ انساني اسمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهن. وزيراعظم آ??يس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم منشيات اسمگلنگ ڪندڙ لانچ کي ??ڪڙ?? تي پي اين ايس اصلت جي آفيسرن ۽ جوا??ن کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪ بحريه جا جوان ملڪي سامونڊي حدن جي حفاظت، سامونڊي ڦرلٽ ۽ انساني اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته پنهنجي پيارن کان پري گهري سمنڊ ۾ پنهنجا فرض سرانجام ڏيندڙ پاڪ بحريه جي آفيسرن ۽ جوا??ن کي مون سميت ??ور?? قوم خراج تحسين پيش ڪري ٿي.