آستانه – 21 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار قازقستان ۾ منعقد ٿيندڙ ايس سي او) ڪائونسل آف پرڏيهي وزيرن جي موقعي تي روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف سان ملاقات ڪئي. نائب وزيراعظم پاڪستان ۽ رشين فيڊريشن جي وچ ۾ وڌندڙ ٻطرفي افهام تفهيم، تعاون ۽ تازي علائقائي ۽ عا??مي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير روس ۾ پرامن ۽ ڪامياب چونڊ عمل تي پنهنجي روسي هم منصب کي مبارڪباد ڏني. هن پاڪستان ۽ روس لاڳاپن جي مثبت رخ تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان روس ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ۽ سگهه ڏيڻ جي لا??ِ ڪم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. هن سال ماسڪو ۾ بين الحڪومتي ڪميشن (آءِ جي سي) جو ن??ئون اجلاس منعقد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.