اسلام آباد – 04 – جولائي (اي پي ??ي) پاڪستان ??زه جي ميڊيڪل جي شا??رد?? کي پاڪستان ۾ ميڊيڪل جي تعليم مڪمل ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اهو فيصلو نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار جي هدايت تي پاڪستان ميڊيڪل ڪاليج اينڊ ڊينٽل ڪائونسل (پي ايم ڊي سي) ڪيو آهي، ان ??ان ??زه جا شاگرد پاڪستان ۾ انساني هم??رد??ءَ جي بنياد تي پنهنجي طبي تعليم جاري رکي سگهندا. هن چيو ته غزه سان ??علق رکندڙ فلسطيني شاگرد 20 کان 30 جي بئچن ۾ جلد ئي پاڪستان ??ي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ شامل ٿيندا. ترجمان چيو ته ان فيصلي سان ??زه جا شاگرد پاڪستان ۾ ڪارڊيالوجي، آرٿوپيڊڪس، آنڪولوجي، پيڊياٽرڪس ۽ سرجري جي شعبن ۾ پنهنجي طبي تعليم مڪمل ڪري سگهندا ته جيئن غزه جي صحت جي سارسنڀ??ل جي نظام ۾ اهم ضرورتن کي پورو ڪري سگهجي.