اسلام آباد – 17 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان بنون ڪنٽونمينٽ دهشتگرد حملي تي افغان ڊپٽي هيڊ آف مشن کي طلب ڪري افغانستان سان شديد احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي، دهشتگرد حملي ۾ افغانستان ۾ م??جو?? حافظ گل بهادر گروپ ملوث آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان ۾ ترجمان چيو ته اسلام آباد ۾ افغانستان جي سفارتخاني جي ڊپٽي هيڊ آف مشن کي پرڏيهي وزارت ۾ طلب ڪري کيس 15 جولاءِ 2024ع تي بنون ڪنٽونمينٽ تي ٿيندڙ دهشتگرد حملي تي پاڪستان پاران احتجاجي خط ڏنو ويو. حملي ۾ 8 سيڪيورٽي اهلڪارن شهادت ماڻي ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا. اهو دهشتگرد حملو افغانستان ۾ م??جو?? حافظ گل بهادر گروپ پاران ڪيو ويو. حافظ گل بهادر گروپ تحريڪ طالبان پاڪستان سان گڏجي پاڪستان ۾ دهشتگرد حملن ۾ سو??ن شهرين ۽ قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن جي موت جو ذميوار آهي. احتجاجي خط ۾ چيو ويو آهي ته عبوري افغان حڪومت بنون حملي جي جاچ ڪري ۽ ان ۾ ملوث شرپسندن جي خ??اف موثر ڪارروائي ڪري ۽ افغانستان جي سرزمين تان پاڪستان جي خ??اف ٿيندڙ حملن جي روڪٿام جي لاءِ قدم کڻي. پاڪستان افغانستان ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن جي م??جو??گي تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ان سان پاڪستان جي سلامتي کي شديد خطرا درپيش آهن. ترجمان چيو ته اهڙي قسم جي واقعن سان ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ گڏيل لاڳاپا پڻ متاثر ٿين ٿا. ترجمان چيو ته بنون ڪنٽونمينٽ حملو هن خطي جي امن ۽ سلامتي جي لاءِ دهشتگردي جي سنجيده خطرن جي ياد ڏياري ٿو. ترجمان چيو ته پاڪستان دهشتگردن جي خ??اف مناسب قدمن جو مطالبو ڪندي پاڪستان جي سلامتي جي خ??اف سمورن خطرن کي منهن ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو.