اسلام آباد-19 جولاءِ (اي پي پي) گهرو مع??مل?? واري وفاقي وزير بنون ۾ دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائيندڙ شهيد سپاهي ثوبان جي ج??ئت کي سلام پي?? ڪندي چيو آهي ته سپاهي ثوبان جان جي قرباني ڏئي بهادري جو لازوال مثال قائم ڪيو. شهيد سپاهي ثوبان هينڊ گرينڊ تي سمهي پنهنجي قيمتي زندگي مادر وطن تان قربان ??ئي ۽ دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي مٽيءَ ۾ ملايو. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته سپاهي ثوبان جنهن جرئت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪيو اهو تاريخ ۾ سنهري اکرن ۾ لکيو ويندو. محسن نقوي چيو ته قوم پنهنجي هيرو سپاهي ثوبان جي دليري کي سلام پيش ڪري ٿي، شهيد سپاهي ثوبان جهڙي بلند حوصلي ۽ قومي ج??بي سان ٽمٽار بهادر سپوٽن جي هوندي مڪار دشمن جي هر ڪڌي سازش ناڪام رهندي.