اسلام آباد – 10 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستا?? سٽيزن پورٽل تي شهرين پاران داخل ڪيل شڪ??يتن لاءِ جوڙيل طريقيڪار موجب نه اڪلائڻ يا حل ۾ دير جو سخت نوٽيس وٺندي سمورين وزارتن کي هدايت ڪئي آهي ته لاڳاپيل آفيسرن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ جي لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي وڃي. وزيراعظم آفيس پاران سمورين وزارتن ۽ ڊويزنن کي لکيل خط موجب ڪجهه آفيسرن جي ڪارڪردگ?? جي جائزي کانپوءِ ان ڳالهه جو انڪشاف ٿيو آهي ته شڪ??يتن کي نه ئي جوڙيل طريقيڪار موجب اڪلايو ويو ۽ نه ئي مناسب سطح تي انهن جي از??لي لاءِ ڪو فيصلو ڪيو ويو.