اسلام آ??اد – 13 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته ترقياتي فنڊ?? جو استعمال يقيني بڻائڻ جي لاءِ منصوبابندي واري وزارت ماهوار رپورٽ پيش ڪري، منصوبن کي جلد مڪمل ڪرڻ سان معيشت مستحڪم ٿيندي، گهربل هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ بهترين پاليسيو?? جوڙيون وڃن. اها هدايت ??ن وزيراعظم آفيس اسلام آ??اد ۾ پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام (پي ايس ڊي پي) تي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ جي لاءِ اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني.