اسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪرپشن جي خلاف جهاد ۾ پوري قوم شريڪ آهي، ماضي ۾ اهو پسئو جيڪو عوام جي ڀلائي تي خرچ ٿيڻو هو، مني لانڊرنگ جي ذري??ي ٻاهر کڻي وڃي محلاتون ٺاهيون ويون، ڪڪ بيڪس ۽ ڪميشن جي لاءِ اهڙا منصوبا شروع ڪيا ويا جنهن جي ضرورت ئي نه هئي، ڪرپٽ قومون ڪڏهن به ترقي نٿيون ڪري سگهن، ڪرپشن سان ملڪي ترقي ۽ معيشت متاثر ٿيندي آهي ۽ عوام جي زندگي جون ضرورت??ن مهانگيون ٿي وينديون آهن، ڪر??ٽ معاشرن ۾ سيڙپڪاري ناهي ايندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بدعنواني جي خاتمي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنجاب حڪومت طرفان اينٽي ڪرپشن ايپ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.