اسلام آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي واري مملڪتي وزير زرتاج گل چيو آهي ته ٻوڏ واري پاڻي کي ذخيرو ڪرڻ لاءِ ”ريچارج پاڪستان“ منصوبي تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، ان منصوبي تحت سنڌ ۽ بلوچستان ۾ موزون هنڌن تي وڏا تلاءُ تعمير ڪيا ويندا، جنهن سان زير زمين پاڻي جي ??طح بلند ٿيڻ سان گڏوگڏ فصل?? جي پوکي لاءِ به پاڻي ملي سگهندو، حڪومت موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي آلودگي تي ضابطو آڻڻ ۽ عام ماڻهو جي ??ندگيءَ جي مع??ار کي بهتر بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”اي پي پي“ هيڊڪوارٽرز جي ??وري جي موقعي تي پينل انٽر??يو دوران ڪيو.