اسلام آباد – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اسلام آباد جي علائقي ترلائي ۾ ماڊل پناهگاهه جو دورو ڪيو.وزيراعظم پناهگاهه ۾ مختلف سهولتن ۽ انفراسٽرڪچر جو جائزو ورتو، پناهگاه ۾ رهندڙ ماڻهن سا?? ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ انهن سا?? گڏ ماني به کاڌي. وزيراعظم طرفان گذريل مه??ني اسلام آباد ۾ پناهگاهن کي ماڊل پناهگاه بڻائڻ جي هدايت کانپوءِ اهو پهريون شيلٽر هوم آهي جيڪو هڪ مه??ني کان به گهٽ عرصي ۾ بهتر انفراسٽرڪچر، ڪيٽرنگ ۽ رهائشي معيار سا?? ڏهاڙي دار مزدورن جي لاءِ معياري خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي، وزيراعطم ميڊيا آفيس موجب آئنده ٽن مه??نن ۾ وفاقي گادي واري شهر جي سمورن پنج پناهگاهن کي ري ماڊل ڪ??و ويندو ۽ ان کانپوءِ آهستي آهستي پوري ملڪ ۾ پناهگاهن کي ري ماڊل پناهگاهون بڻايو ويندو، خاصا مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر، پاڪستان بيت المال جو ايم ڊي عون عباس ۽ وزيراعظم جو پناهگاهن بابت فوڪل پرسن نسيم الرحمان وزيراع??م کي پناهگاهن ۾ انتظامي معاملن ۽ سڌارن جي باري ۾ آگاهه ڪيو.