فيصل آباد – 18 ??وم??ر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پوليس ڪامپليڪس لائلپور ٽائون، ڪشمير پل انڊر پاس ۽ ڪيليگرافي جي نمائش جو افتتاح ڪيو، وزيراعظم عمران خان ڄاڻايل منصوبن جو افتتاح هڪ مقامي هوٽل ۾ ٿيندڙ پُروقار تقريب دوران ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته پوليس ڪامپليڪس لائلپور ٽائون فيصل آباد جي تعمير 145.246 ملين روپين جي لاڳت ??ان 20 جنوري 2016ع ۾ شروع ڪئي وئي جنهن تي 95 سيڪڙو کان وڌ??ڪ ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ اهو منصوبو 31 ڊسمبر 2020ع تائين پڄاڻي تي پهچي ويندو، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ڪشمير پل انڊر پاس ڪينال روڊ فيصل آباد جو منصوبو 1280.209 ملين روپين جي لاڳت ??ان 20 مارچ 2018ع تي نيشنل لاجسٽڪ سيل جي ذريعي شروع ڪيو ويو جنهن جو 85 سيڪڙو کان وڌ??ڪ ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي ۽ باقي ڪم 31 ڊسمبر 2020ع تائين مڪمل ڪري ان کي هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ کوليو ويندو، جنهن ??ان شهرين کي سگنل فري ڪينال روڊ کان ايڪسپريس وي ۽ موٽر وي تائين پهچ ۾ انتهائي آساني ٿيندي?? بعد ۾ وزيراعظم هفته شان رحمت العالمين ﷺ جي سلسلي ۾ ملڪ جي مشهور مصورن محمد قمر سلطان ۽ نثار احمد جي ڪيليگرافي جي فن پارن جي نمائش جو به افتتاح ڪيو، ڪيليگرافي نمائش ۾ وڏي تعداد ۾ قرآني خطاطي سميت ٻين انتهائي نادر ۽ قيمتي فن پارا نمائ?? لاءِ رکيا ويا.