اسلام آباد – 31 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان تعميراتي شعبي جي لا??ِ وڌيڪ مراعتن جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ اربين روپين جا تعيمراتي منصوبا شروع ٿي چڪا آهن، ان سان ملڪ ۾ روزگار جا موقعا ميسر ايندا ۽ عام ماڻهو پنهنجي گهر جو مالڪ بڻجي سگهندو، پاڪستان تعميرات جي شعبي کي ان وقت کنيو جڏهن سڄي دنيا ۾ لاڪ ڊائون جي ڪري اقتصادي صورتحال ابتڙ هئي، وڏن شهرن جي لا??ِ نوان ماسٽر پلان ٺاهيا پيا وڃن، ان سان شهري سهولتن جي فراهمي ۾ بهتري ايندي، تعميراتي شعبي جي لا??ِ فڪس ٽيڪس رجيم ۾ هڪ سال جي توسيع ڪئي وئي آهي. هتي ملڪ ۾ تعميراتي شعبي جي لا??ِ وڌيڪ مراعتن جو اعلان ڪندي وزيراعظم چيو ته پنجاب ۾ 163 ارب روپين جا تعميراتي شعبا شروع ٿي چڪا آهن، تعميراتي شعبي جي فروغ سان پنجاب ۾ 15 سئو ارب روپين جون اقتصادي سرگرميون شروع ٿينديون، انهن منصوبن سان روزگار جا اڍائي لک موقعا پيدا ٿيندا. پنجاب ، خيبرپختونخوا، بلوچستان ۽ سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ تعميراتي شعبو حڪومتي مراعتن مان فائدو وٺي رهيو آهي، گهٽ ??مد??ي وارن طبقن کي انهن منصوبن سان رهائشي ??هولتون ميسر اينديون، تعميراتي شعبي جي فروغ ۽ گهرن جي لا??ِ فنانسنگ جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪيو ويو آهي ۽ هاڻي بئنڪون گهرن جي تعمير ۽ تعميراتي منصوبن لا??ِ فنانسنگ ڪري رهيون آهن.