اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته مشڪل حالتن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ پارليامينٽ جو ڪردار انتهائي اهم آهي، وقت اچي ويو آهي ته اسان عوام سان ڪيل و??عدن تي عملدرآمد ڪرڻ لاءِ سڀني وسيلن کي استعمال ۾ آڻيون. قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ لاءِ مخالف ڌر پارٽين سان مشاورت جو عمل اڳتي وڌائينداسين. ه?? اسپيڪر هائوس ۾ حڪومتي اڳواڻن جي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، اجلاس ۾ وفاقي وزير پرويز خٽڪ، شاهه محمود قريشي، اسد عمر ۽ ش??قت محمود سميت حڪمران پارٽي جي قومي اسيمبلي ۾ چيف وهپ ملڪ عامر ڊوگر، مملڪتي وزير علي محمد خان، وزيراعظم جو پارلياماني معاملن وارو صلاحڪ??ر ڊاڪٽر بابر اعواڻ به شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پارليماني معاملن سميت ملڪ جي سياسي، معاشي ۽ ڪورونا بابت ??عاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ ۽ مخالف ڌر پارٽين جي پارلياماني اڳواڻن سان مشاورت تي به غور ڪيو ويو.