اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان جي عظيم جبل چاڙهو علي سدپاره جي لاڏاڻي تي دلي افسوس ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. پن??نجي هڪ ٽوئيٽ ۾ صدر چيو ته علي سد پاره جي وارثن سان افسوس جو اظهار ڪريان ??و. صدر عارف علوي چيو ته الله ان بهادر پٽ کي جنت ۾ دائمي مقام عطا ڪري. هن همت ۽ صبر سان ??درت جو مقا??لو ڪيو.