اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير بئريسٽر فروغ نسيم چيو آهي ته قرارداد پاڪستان ڏکڻ ايشيا جي مسلمانن جي تاريخ ۾ هڪ اهم موڙ ثا??ت ٿي آهي، اڄ اسان کي ڪيترائي چئلينج درپيش آهن، اسا?? انهن حالتن ۾ به قانون جي حاڪميت کي قائم ڪرڻ لاءِ پوري عزم سان ڪم ڪري رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان جي ڏه??ڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ?? ڪيو، هن چيو ته اڄ جو ڏينهن اهو ڏينهن آهي جڏهن ڏکڻ ايشيا جي مسلمانن وچن ڪيو ته غلامي جون زنجيرون ٽوڙي اڇلائينداسين، اسان جي بزرگ?? ان ڏينهن قائداعظم جي قيادت ۾ اهو فيصلو ڪيو ته انهن کي ڌار ملڪ جي ضرورت آهي، هڪ اهڙو ملڪ جتي الله جي حاڪميت ۽ حضرت محمد ﷺ جي ٻڌايل اصولن موجب هلي سگهجي.