اسلام آباد – 12 – مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپ??ڪر اسد قيصر چيو آهي ته پاڪستان کي چين سان پنهنجي سدابهار دوستي تي فخر آهي، ٻن??ي دوست ملڪن ۾ لاڳاپا گڏيل احترام، اعتماد، مفادن ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري تي قائم آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين جي سفير نونگ رونگ سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن سميت گڏيل دلچسپي جي ٻين ??عاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قومي اسيمبلي جي اسپ??ڪر اسد قيصر چيو ته پاڪستان کي چين سان پنهنجي سدابهار دوستي تي فخر آهي، پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ منفرد نوعيت جا دوستاڻا ??اڳاپا دنيا جي لاءِ هڪ مثال آهي، ٻن??ي دوست ملڪن ۾ لاڳاپا گڏيل احترام، اعتماد، مفادن ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري تي قائم آهن.