اسلام آباد – 24 جون (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان ۽ بل اينڊ ملنڊا گيٽس فائونڊيشن جي شريڪ چيئرمين بل گيٽس ملڪ ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ جاري مهم ۽ ڪووڊ – 19 سبب پيدا ٿيندڙ صحت جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان ??وجب وزيراعظم عم??ان خان سڄي دنيا ۾ ڪمزور ماڻهن جي معاشي ۽ سماجي ترقي ۽ خاص طور تي صحت جي خدمتن تائين عالمگير پهچ جي فروغ ۽ وچڙندڙ بيمارين جي روڪٿام لاءِ بل اينڊ ملنڊا گيٽ فائونڊيشن جي ڪوششن کي ساراهيو. هن خاص طور تي پاڪستان کي پوليو کان ??اڪ ڪرڻ لاءِ فائونڊيشن جي حصيداري تي ٿوري جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پوليو جو خاتمو حڪومت جي اهم قومي ترجيح آهي ۽ ڪورونا وبا جي چئلينج جي باوجود س??ي ملڪ ۾ پوليو جي خاتمي واري مهم کي تيز ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون پيون وڃن، هلندڙ مهيني 7 کان 11 جون تائين س??ي ملڪ ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ خصوصي مهم جو هن ذڪر ڪيو جنهن دوران ??نج سالن کان گهٽ عم?? جي 33 ملين ٻارن کي پوليو ويڪسين جا ڦڙا پياري ويا، ويراعظم ملڪ ۾ پوليو وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ ۾ ڀرپور اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته سمورن حصيدارن جي تعاون سان ??وليو جو خاتمو جلد ڪيو ويندو. بل گيٽس ان ??ومي مقصد لاءِ وزيراعظم جي قائداڻي ڪردار کي ساراهيو.