اسلام آباد/ دوشنبي-25 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيه?? وزير مخدوم شاه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام ??اڪ??تان ۽ تاجڪستان سميت پوري خطي لاءِ اقتصادي سهڪار وڌائڻ ۽ رابطن کي هٿي وٺائڻ جي حوالي سان برابر اهميت وارو آهي. اهڙو اظهار هن دوشنبي ۾ تاجڪستان جي صدر امام علي الرحمان سان ملاقات ۾ ڪيو. پرڏيهي آفيس مطابق شاه محمود قريشي تاجڪستان جي صدر ک?? وزيراعظم عمران خان طرفان نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو ۽ چيو ته ??اڪ??تان ۽ تاجڪستان وچ ۾ اونها تاريخي ڀائراڻا ناتا آهن ج??ڪي برابر مذهبي، تهذيبي ۽ ثقافتي بنيادن تي ٻڌل آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي اعليٰ قيادت انهن ٻه طرفن ناتن کي وڌيڪ سگهارو بڻائڻ ۽ مستحڪم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. پرڏيه?? وزير تاجڪستان سان گڏيل دلچسپي جي ڊگهي مدي وارن شعبن ۾ ٻه طرفي ناتن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ تاجڪستان جي صدر کي افغانستان جي موجوده صورتحال جي حوالي سان ??اڪ??تان جي نقطئه نظر کان آگاهه ڪيو. شاه محمود قريشي چيو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام ??اڪ??تان ۽ تاجڪستان سميت سڄي خطي لاءِ وڏي اهميت وارو آهي. شاه محمود قريشي گڏيل مقصدن کي ماڻڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. تاجڪستان جي صدر امام علي الرحمان چيو ته هو سيپٽمبر 2021ع تي دوشنبي ۾ منعقد ٿيندڙ شنگهائي سهڪار تنظيم جي اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان جي شرڪت جو منتظر آهي.