اسلام آباد – 10 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ محفوظ، مستحڪم ۽ پرامن افغانستان جي اهميت ت?? زور ڏيندي چيو آهي ته افغانستان ۾ بدلجندڙ حقيقت سان عالمي برادري جي موقف ۾ پڻ تبديلي جي ضرورت آهي، افغان عوام جي ڀلائي اولين ترجيح هجڻ گهرجي. اها ڳالهه هن پاڪستان جي دوري تي آيل اسپين جي پرڏيهي وزير جوزي مينوئل البرس بو??نيو سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيرا??ظم پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ محفوظ، مستحڪم ۽ پرامن افغانستان جي اهميت ت?? زور ڏنو ۽ چيو ته افغانستان ۾ بدلجندڙ حقيقت سان عاليم برادري جي موقف ۾ به تبديلي جي ضرورت آهي. هن زور ڏنو ته افغان عوام جي ڀلائي اولين ترجيح هجڻ گهرجي. وزيرا??ظم وڌيڪ چيو ته افغان عوام جي انساني ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ ملڪ جي معاشي استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ فوري قدمن جي ضرورت آهي. وزيرا??ظم عالمي برادري جي مثبت انگيجمينٽ تي زور ڏنو ته جيئن اهو يقيني بڻائي سگهجي ته افغانستان ۾ سيڪي??رٽ?? جي صورتحال مستحڪم ٿئي، امن برقرار رهي ۽ ڪنهن به وڏي پئماني تي هجرت کي روڪي سگهجي. اسپين جي پرڏيهي وزير سفارتي مشنز ۽ عالمي ادارن جي شهرين ۽ اهلڪارن جي انخلا ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو. وزيرا??ظم ان سلسلي ۾ پاڪستان جي مسلسل حمايت جو يقين ڏياريو. ٻطر??ن لاڳاپن جي حوالي سان وزيرا??ظم اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان اسپين لاڳاپا سمورن شعبن ۾ مضبوط ٿيندا رهندا. وزيرا??ظم اسپين ۾ رهندڙ پاڪستانين جي مثبت ڪردار پڻ ساراهيو.