اسلام آباد – 10 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري ف??اد حسين چيو آهي ته موجود?? بحران ۾ افغان عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، افغان??تا?? تائين پهچ جي لاءِ پاڪ??تا?? اهم لنگهه آهي، اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته افغان??تا?? ۾ انساني الميو پيدا نه ٿئي، پاڪ??تا?? انساني همدردي جي بنياد تي افغان عوام جي هر ممڪن مدد ڪندو، سوين صحافي ڪابل ۾ ڦاٿل هئا جن کي ڪابل مان انخلا ۾ مدد فراهم ڪئي، پاڪ??تا?? ۽ ڪيوبا جي نيوز ايجنسين جي وچ ۾ خبرن جي مٽاسٽا سان ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا، پاڪ??تا?? ڪيوبا سان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪ??تا?? جي قومي نيوز ايجنسي ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪ??تا?? (اي پي پي) ۽ ڪيوبا جي نيوز ايجنسي پرسيناليٽينا جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحن واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري ف??اد حسين چيو ته اڄ هڪ اهم ۽ تاريخي ڏينهن آهي، ڪيوبا ۽ پاڪ??تا?? جي نيوز ايجنسين جي وچ ۾ خبرن جي مٽاسٽا سان ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. هن ٻنهي خابرو ادارن کي مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ٻئي ملڪ هڪ ٻئي کي درپيش مسئلن ۽ چئلينجز کي چڱي ريت سمجهن ٿا. هن چيو ته پاڪ??تا?? ڪيوبا سان لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو جيڪي گڏيل اعتماد، احترام ۽ پراڻي دوستي تي ٻڌل آهن. چوڌري ف??اد حسين چيو ته اطلاعات واري وزارت جي ايڪسٽرنل پبل??ٽي ونگ کي جديد دور جي گهرجن موجب هم آهنگ ڪيو ويو آهي. ايڪسٽرنل پبل??ٽي ونگ افغانسان ۾ هيسائين پرڏيهي ميڊيا کي 250 ويزا ۽ 85 بارڊر ڪراسنگ اين او سيز جاري ڪيون. هن چيو ته سوين صحافي ڪابل ۾ ڦاٿل هئا جن کي انخلا ۾ مدد فراهم ڪئي وئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪابل مان پرڏيهي ميڊيا جي ماڻهن کي ڪڍڻ جي ڪوششن ۾ ڪابل ۾ موجود اسان جي سفارتي عملي اڻٿڪ خدمتون سرانجام ڏنيون، اسان جي انهن ڪوششن کي عالمي ميڊيا تي ساراهيو پيو وڃي. چوڌري ف??اد حسين چيو ته پاڪ??تا?? انساني همدردي جي بنياد تي افغان عوام کي هر ممڪن مدد فراهم ڪندو، موجود?? بحران ۾ افغان عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين. هن چيو ته افغان??تا?? تائين پهچ جي لاءِ پاڪ??تا?? اهم لنگهه آهي. وزيراعظم جي هدايتن تحت حڪومت ۽ اطلاعات واري وزارت افغان??تا?? مان پرڏيهي شهرين جي انخلا ۾ ڀرپور مدد ڪري رهيا آهن، هن وقت اسان جو هڪ سي ون ٿرٽي جهاز ڪابل ۾ موجود آهي. هن چيو ته اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته افغان??تا?? ۾ انساني الميو پيدا نه ٿئي. هن چيو ته اسان افغان??تا?? جي عوام کي يقين ڏيارڻ چاهيون ٿا ته پاڪ??تا?? انهن جي هر ممڪن مدد ڪندو. تقريب کي خطاب ڪندي ڪيوبا جي سفير زينيئر جيويئر ڪيروگونزيلز چيو ته جعلي نيوز جو مسئلو ڪيوبا کي پڻ درپيش آهي. اي پي پي سان خبرن جي مٽاسٽا سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اطلاعات جي شعبي ۾ لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. هن ڪابل مان پرڏيهي شهرين جي انخلا ۾ مدد ڪرڻ تي پاڪ??تا?? جا ٿورا مڃيندي چيو ته افغان عوام جي لاءِ خوراڪ ۽ دوائن جو سلسلو شروع ڪرڻ ساراهه جوڳو آهي. مفاهمت جي ياداشت تي ڪيوبا جي سفير زينيئر جيويئر ڪيروگونزيلز ۽ قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪ??تا?? جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر مبشر حسن صحيحون ڪيون. ان موقعي تي اطلاعات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد ۽ وزارت جا ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.