اسلام آباد – 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن لاڳاپيل عملدار?? کي هدايت ڪئي آهي ته فعال حڪمت عملي اختيار ڪندي مسئلا ڪيا وڃن ته جيئن پاڪستان سڌو سنئون غير ملڪي سيڙپڪاري کي متوجهه ڪري راوي اربن ڊولپمينٽ اٿارٽي ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ جهڙن انهن جديد ۽ پائيدار ريئل اسٽ??ٽ منصوبن مان وڌ کان وڌ فائدو حاصل ڪري سگهي.
وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم راوي اربن ڊولپمينٽ اٿارٽي (روڊا) ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ (سي بي ڊي)، والٽن بابت جائزي اجلاس جي صدارت ڪئي. روڊا جي مختلف منصوبن ۾ شمسي توانائي سان هلندڙ قابل تجديد بجلي پيدا ڪندڙ پلانٽ لڳائڻ، خصوصي اقتصادي زونز ۽ خصوصي ٽيڪنالجي زونز جو قيام، فيري آپريشنز جو آغاز، ناليج پارڪ ۽ رک جهک فارمز جو قيام شامل آهن. اهي سمورا منصوبا پنهنجي مالي ضرورتن جي حوالي سان خودمختيار هوندا ته جيئن انهن جي پائيداري کي يقيني بڻائي سگهجي،
وزيراعظم کي آءِ ايم جي دبئي ٿيم پارڪ جي سهڪار سان پاڪستان جو سڀ کان وڏو ٿيم پارڪ بڻائڻ جي منصوبي تي به بريفنگ ڏني وئي. راو?? ر??ور فرنٽ تي 2000 ڪينال زمين تي ٺهندڙ اهو منصوبو (آر يو ڊي اي) سيڙپڪار?? کي متوجهه ڪرڻ جي لاءِ ايندڙ مهيني شروع ٿيندڙ دبئي ايڪسپو 2020ع ۾ نمائش جي لاءِ پيش ڪندو. وزيراعظم ملڪ جي سمارٽ، خود ڪفيل، صاف سٿري ۽ سبز گهرن ۽ ڪاروباري منصوبن جي فروغ جي لاءِ آر يو ڊي اي ۽ سي بي ڊي جي اهميت تي زور ڏنو،
وزيراعظم لاڳاپيل عملدار?? کي هدايت ڪئي ته هو هڪ فعال حڪمت عملي اختيار ڪندي مسئل?? کي حل ڪن ته جيئن پاڪستان سڌو سنئون غير ملڪي سيڙپڪاري کي متوجه ڪري ان جديد ۽ پائيدار ريئل اسٽ??ٽ منصوبن مان وڌ کان وڌ فائدو حاصل ڪري سگهي.