اسلام آباد – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته مختلف عالمي مالي??تي ادارن وانگر ايشيائي ترقي??تي بئنڪ پاران به پاڪستاني معيشت ۾ بهتري جي ??ڳڀرائي خوش آئنده آهي، اي ڊي پي، سماجي تح??ظ، اداره ج??تي سڌارن سان معاشي گروٿ، پاڪستان ۾ روانگي واپار ۾ اضافي ۽ مينيوفيڪچرنگ شعبي جي ڪارڪردگي ۾ نمايان بهتري جي ??صديق ڪئي آهي. پنهنجي ٽوئِيٽ ۾ مملڪتي وزير چيو ته اي ڊي پي ڪورونا وائرس جي ??ملن دوران پاڪستان جي ڪامياب حڪمت عملي جو اعتراف ڪيو آهي، هن چيو ته اسان جي مخالف ڌر شروع ئي پورو ملڪ بند ڪرڻ جو چوندي رهي پر وزيراعظم عمران خان ڏهاڙيدار طبقي جي مفاد ۽ معيشت جو ڦيٿو روان دوان رکڻ لاءِ بهترين حڪمت عملي اختيار ڪندي زندگين ۽ روزگار کي محفوظ بڻايو