اسلام آباد – 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ آبادياتي تناسب ۾ تبديلي ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، برطانوي پرڏيهي وزير کي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن، انساني حقن جي خلاف ورزين جي حوالي سان تفصيلي ثبوت پيش ڪيا. لنڊن ۾ برطاني?? جي ٽن ڏين??ن جي دوري جي پڄاڻي تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته برطانيا اهم ملڪ آه?? ۽ ??اڪستان انس ان ??اڳ??پا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته برطانوي هم منصب سان ملاقات ۾ ٻطرفن ??اڳ??پن، ڪشمير ۽ افغانستان جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ٿي. هن چيو ته پاڪستان ۽ برطاني?? جي وچ ۾ ٻطرفن ??اڳ??پن جي ڊگهي تاريخ آهي، برطانيا سان واپاري ۽ سيڙپڪاري ??اڳ??پن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته پاڪستان ۽ برطاني?? جي وچ ۾ ??اڳ??پن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ جوائنٽ ورڪنگ گروپس جوڙڻ جي حوالي سان به برطانوي عملدارن سان ڳالهه ٻولهه ٿي. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين تي ڳڻتي آهي. هن چيو ته مون برطانوي هم منصب کي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن جي حوالي سان تفصيلي ثبوت فراهم ڪيا. پرڏيهي وزير چيو ته برطانيا ۾ ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جو وڏو انگ رهي ٿو ۽ اهي برطاني?? جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.