اسلام آباد/نيويارڪ – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته افعانستان ۾ انساني ۽ معاش?? بحران، عالمي برادري جي فوري ڌيان جا گهرجائو آهن، پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب گڏيل قومن جي جنرل اس??مب??ي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي پرڏيهي وزير ريڊ ڪراس بابت عالمي ڪميٽي جي صدر پيٽر مورڪي سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي افغانستان ۾ انسان?? بحران ۽ عالمي سطح تي مدد جي ف??اه??ي جي حوالي سان مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، هن چيو ته پاڪستان سالن کان افغانستان ۾ جاري ريڊ ڪراس عالمي ڪميٽي جي خدمتن جو اعتراف ڪري ٿو، افغانستان ۾ وڌندڙ انساني ۽ معاش?? بحران عالمي برادري جي فوري ڌيان جو گهرجائو آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان جي مالي ۽ انساني امداد نه رڳو انهن ک?? بحران مان ڪڍڻ ۾ مدد ف??اه?? ڪندي پر افغانين ۾ اعتماد سازي لاءِ بهت??ين قدم ٿي سگهي ٿو، افغانستان ۾ وڌندڙ بک، غربت ۽ ناڻي واڌ جي پيش نظر افغانستان جا منجمند اثاثا کولڻ انهن جي وقت سر امداد جي برابر ٿيندا، هن چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ انساني بنيادن تي امدادي سامان جي پهچ هوائي ۽ زميني رستن جي ذريعي جاري رکي آهي، پرڏيهي وزير ريڊڪراس عالمي ڪميٽي جي صدر کي افغانستان ۾ انساني بنيادن تي مدد جي ف??اه??ي لاءِ پاڪستان پاران هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي.