ڪراچي – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته وفاقي حڪومت ڪر??چي سرڪلر ريلوي جي منصوبي جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهي، ڪر??چي ٽرانفارميشن پلان تي عملدرآمد خوش آئنده آهي، ڪر??چي جي م??ئل?? جي حل لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي سياسي اختلافن جي باوجود گڏجي هلڻو پوندو، بنڊل آئي لينڊ جي منصوبي سان غير ملڪي سيڙپڪاري ايندي، اهو منصوبو سنڌ ۽ پوري پاڪستان جي لاءِ فائيمند ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??راچي ۾ جديد سرڪلر ريلوي جي منصوبي جو سنگ بنياد رکڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل، وڏو وزير مراد علي شاهه، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، بحري معاملن وارو وفاقي وزير سيد علي زيدي، منصوبابندي وارو وفاقي وزير اسد عمر، ريلوي وارو وفاقي وزير اعظم سواتي به موجود هئا. وزيراعظم چيو ته ڪر??چي پاڪستان جي لاءِ وڏي اهميت رکندڙ آهي، سمورن وڏن ملڪن جي ترقي ۾ ڪو هڪ وڏو شهر ئي لينڊ ڪندو نظر ايندو آهي، ڪر??چي جي اهميت به اهڙي طرح آهي پر بدقسمتي سا?? ماضي ۾ جڏهن ??راچي ترقي طرف گامزن ٿيو ته انتشار جو شڪار ٿي ويو. وزيراعظم چيو ته اسان ڪر??چي جي ترقي جي لاءِ ڪر??چي ٽرانسفارميشن پلان ٺاهيو ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت ڪر??چي کي کڻڻ جي لاءِ گڏجي فيصلا ڪيا، ڪر??چي جي ترقي صرف ڪر??چي جي لاءِ نه پر پوري پاڪستان جي لاءِ فائديمند آهي، هي اهڙو شهر آهي جتي سڄي دنيا مان سيڙپڪاري اچي سگهي ٿي. وزيراعظم چيو ته ڪي سي آر جو منصوبو سڄي ڪر??چي کي ملائيندو جنهن سان شاهراهن تي ٽريفڪ جو دٻاءُ گهٽ ٿيندو. هن ??يو ته گرين لائين بس سروس به اهم منصوبو آهي، ڪر??چي جيڪو تيزي سان پکڙجي رهيو آهي جو ٻيو وڏو م??ئل?? پاڻي جي فراهمي جو آهي. واپڊا چيئرمين ان سلسلي ۾ ڳاله ڪئي اهي، هن ٻڌايو ته ڪر??چي کي پاڻي جي فراهمي جو منصوبو وقت سر مڪمل ٿيندو ۽ ٻن سالن جي اندر اندر ڪر??چي ۾ پاڻي جو م??ئل?? حل ٿي ويندو، وزيراعظم چيو ته سياسي اختلافن جي باوجود سنڌ ۽ ملڪ جي خاطر ڪر??چي جي م??ئل?? جي حل لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي گڏجي هلڻو پوندو، هن سنڌ جي وڏي وزير کي مخاطب ٿيندي چيو ته بنڊل آءِ لينڊ جي منصوبي جو ٻيهر جائزو وٺي، ان منصوبي سان ڪر??چي ۾ سيڙپڪاري ايندي، وزيراعظم چيو ته شهرن جي پکيڙ سان مختلف قسم جا مسئلا پيدا ٿيندا آهن ۽ ڪنهن به شهر جو انتظام هلائڻ ۽ سهولتون فراهم ڪرڻ مشڪل ٿي ويندو آهي، لاهور کي بچائڻ جي لاءِ جهڙي طرح اسان راوي سٽي ٺاهي رهيا آهيون، اهڙي طرح ڪر??چي ۾ به منصوبن جي ضرورت آهي، اسان کي هاڻي کان مستقبل جي گهرجن کي نظر ۾ رکندي منصوبابندي ڪرڻ پوندي ٻي صورت ۾ ڪا به حڪومت مستقبل ۾ م??ئل?? کي منهن ??يڻ جي قابل نه هوندي. وزيراعظم چيو ته بنڊل آئي لينڊ جي منصوبي ۾ غير ملڪي سيڙپڪار ۽ سمنڊ پار پاڪستاني سيڙپڪاري لاءِ تيار آهن، پاڪستان کي ان سيڙپڪاري جي سخت ضرورت آهي، وزيراعظم چيو ته مون کي خوشي آهي ته ڪر??چي ٽرانفارميشن پلان تي عمل ٿي رهيو آهي، ڪر??چي جي نالن جي صفائي ۽ رستن جي تعمير تي به ڪم جاري آهي. وزيراعظم چيو ته وڏا منصوبا ان لاءِ مڪمل ناهن ٿيندا ڇو ته انهن ۾ مشڪلاتون هونديون آهن ۽ سياسي حڪومتون ان کي مڪمل ڪرڻ جو عزم ناهن رکنديون ان لاءِ اهي منصوبا ڦاسجي ويندا آهن، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي ڪر??چي سرڪلر ريلوي جي منصوبي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ پوري طرح ڪوششون ڪرڻيون پونديون. وفاقي حڪومت ان سلسلي ۾ پوري طرح پرعزم آهي، اميد آهي ته سنڌ حڪومت به ڀرپور تعاون ڪندي. .