اسلام آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) وفا??ي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آ??ي ته وزيراعظم عمران خان سپريم ڪورٽ کي خاطري ڪرائي آ??ي ته آرمي پبلڪ اسڪول (اي پي ايس) سانحي جي ذميوارن کي بي نقاب ڪنداسين. سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي گهرو وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان سپريم ڪورٽ ۾ اي پي ايس سانحي بابت صورتحال پيش ڪئي ۽ يقين ڏياريو ته سانحي ۾ جيڪي به ذميوار آهن انهن کي بي نقاب ڪنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيڪڏهن عدالت کي نواز شريف گهربل آهي ته ??هرو وزارت 24 ڪلاڪن ۾ نواز شريف کي واپس آڻڻ جي لاءِ پاسپورٽ ۽ ضروري دستاويز فراهم ڪندي.