اس??ام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) اط??اعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اس??ام ۽ نبي ڪريم ﷺ جي نالي تي سياست نه ٿيڻ گهرجي، اس??ام اسان کي امن جو درس ڏي ٿو، بين ??لم??اهب هم آهنگي پرامن دنيا جي لاءِ اڻٽر آهي، نبي ڪريم ﷺ رحمت اللعالمين آهي، وزيراعظم عمران خان سچو عاشق رسول ﷺ آهي، حڪومت اسلامو فوبيا جي حوالي سان عالمي سطح تي آواز بلند ڪيو. اها ڳالهه هن بين الاقوامي بين ??لم??اهب امن ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چئي. اط??اعات واري وفاقي وزير چيو ته اهو تاثر غلط آهي ته اس??ام تلوار سان پکڙيو، صوفين اسان کي اس??ام جي عظيم مذهب کان اسان کي روشناس ڪرايو. هن چيو ته اس??ام اسان کي امن جو درس ڏي ٿو، بين ??لم??اهب هم آهنگي پرامن دنيا لاءِ اڻٽر آهي، هن چيو ته سياست ۾ هر شيءَ کي ٽوڙي مروڙي ڪري پيش ڪيو ويندو آهي، اسان وٽ هتي به اهڙا مسئلا موجود آهن، اس??ام ۽ نبي ڪريم ﷺ جي نالي تي سياست نه ٿيڻ گهرجي، چوڌري فواد حسين چيو ته ان کان وڏو ظلم ڪو ٿي نٿو سگهي ته ٻنهي جهانن جي سرڪار ﷺ جي نالي کي ننڍن ننڍن ذاتي مفادن جي لاءِ استعمال ڪيو وڃي، هن چيو ته مذهب جي نالي تي شدت پسندي کي رد ڪ??ڻ اسان جو فرض آهي، ان ڏس ۾ عالم سڳورن کي قومي سطح تي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، ٻاهرين عملن تي ڳالهه ڪرڻ حڪومت جو ڪم آهي، هن بين ??لم??اهب امن ڪانفرنس جي انعقاد تي مذهبي معاملن واري وزارت ۽ ٻين منتظمين کي مبارڪباد پيش ڪئي.