لاهور – 27 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ??هي ته (ن) ليگ جعلي وڊيو ۽ آڊيو جي ماسٽر آهي، مريم صفدر پنهنجي آڊيو تي قوم کان معافي وٺي، سڀني ڏسي ورتو ته فاشسٽ حڪمران (ن) ليگ پنهنجي دور ۾ ڪهڙي طرح ميڊيا جو گلو دٻائيندي هئي، تمام جلد پيٽروليم تي عوام کي ريليف ڏنو ويندو، جوڊيشل ريفارمز تي حڪومت ڪم ڪري رهي آهي، نوجوان اسان جو اثاثو آهن ڪاميا?? جوان پروگرام ذريعي 25 هزار نوجوانن کي ڪاروبار جي لاءِ 30 ارب رپيا فراهم ڪري چڪا آهيون، موجوده حڪومت جي مثبت پاليسين جي ڪري پاڪستاني مصنوعات جو مجموعي روانگي وا??ار 25 ارب ڊالر کان وڌي ويو ??هي جڏهن ته آءِ ٽي ايڪسپورٽ گذريل سال 2 ارب ڊالر هو ۽ هلندڙ سال 3 ارب ڊالر کي ڪراس ڪنداسين، احساس پروگرام تحت گذريل ٻن سالن ۾ ڏيڍ ??ک مستحق شاگردن کي اسڪالرشپ ڏئي چڪا آهيون جڏهن ته هلندڙ سال 50 هزار شاگردن کي اسڪالرشپ ڏينداسين. هو پهرين ڪاليج آف ڪامرس ۾ ٻي سالياني بزنس اينڊ ڪامرس ڪانفرنس کي خطاب ۽ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. فرخ حبيب چيو ته اسان جو 22 ڪروڙ جو ملڪ ??هي جنهن ۾ 60 سيڪڙو آبادي ملڪ ۾ نوجوانن جي آهي، اهي اسان جي ملڪ جو اثاثو آهن ۽ انهن تي اسان کي سيڙپڪاري ڪرڻي آهي. اسان کي تعليمي ماهرن ۽ صنعتڪارن کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻو آهي. هن چيو ته يونيورسٽي ۾ شاگردن، آئيڊياز ۽ ٽيلينٽ جي کوٽ نه ??هي اڄ ناليج اڪانومي جو زمانو ??هي ۽ دنيا وڏي تيزي سان تبديل ٿي رهي آهي، اسان کي پنهنجي معيشت کي مضبوط ڪرڻو پوندو ڇو ته اسان جا چئلينجز تمام وڏا آهن، چيو وڃي ٿو ته اسان ريسرچ تي تمام گهڻو پئسو خرچ ڪريون ٿا حقيقت ته اها ??هي ته 3 هزار ارب رپيا قرضن جي قسطن جي مد ۾ ڏيڻا پون ٿا جڏهن ته 34 ارب صوبن کي ورهايا وڃن ٿا جڏهن ته اسان جي ٽيڪس اوڳاڙي 6 هزار ارب ??هي ۽ اسان شروعات ئي خساري کان شروع ڪئي، سرڪاري ملازمن جون پگهارون ۽ پينشن به ڏيڻيو?? پون ٿيون ته وفاق وٽ ان کانپو پئسو بلڪل ئي نه ٿو بچي. هن چيو ته وزيراعظم بار بار اها ڳالهه ڪري ٿو ته اسان کي دولت پيدا ڪرڻي آهي. اسان کي اڪانومي جي سائيز وڏي ڪرڻي ??هي ۽ جي ڊي پي کي به وڌائڻو ??هي جڏهن ته روانگي وا??ار ۾ اضافو ڪرڻو آهي. اسان چاهيون ٿا ته ايترا وسيلا هجن جو عوام تي خرچ ڪري سگهون، حڪومت جو فوڪس ??هي ته اسان پنهنجي نوجوانن تي خرچ ڪريون جنهن کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ ڪاميا?? جوان پروگرام تحت نوجوانن کي 100 ارب رپيا فراهم ڪري رهيا آهيون جڏهن ته 25 هزار نوجوانن کي پنهنجي ڪاروبار جي لاءِ 30 ارب رپين جا قرض فراهم ڪري چڪا آهيون جيڪي انهن کي 10 کان 15 سالن ۾ واپس ڪرڻا آهن. هن چيو ته اسڪل فار آل تحت اسان اسڪالرشپ پروگرام شروع ڪيو ??هي جڏهن ته هڪ لک وڌيڪ اسڪالرشپ ڏيڻيون آهن. هن چيو ته پاڪستاني مصنوعات جو روانگي وا??ار 25 ارب ڊالر کان وڌي ويو ??هي جيڪو 30 ارب ڊالر تائين پهچندو جڏهن ته اسان جي آءِ ٽي ايڪسپورٽ گذريل سال 2 ارب ڊالر هئي جيڪا هن سال 3 ارب ڊالر کان وڌي ويندي. فرخ حبيب چيو ته ڪورونا معيشت کي تباهه ڪيو، اڄ پاڪستان 10 ڪروڙ ماڻهن کي ويڪسي نيشن ڊوز لڳائي چڪو آهي. هن چيو ته اسان ماسڪ به پاڻ تيار ڪري رهيا آهيون، ايڪسپورٽ به ڪري رهيا آهيون ۽ وينٽي ليٽرز به ٺاهڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. هن چيو ته ڪورونا دوران وزيراعظم عمران خان چيو ته ملڪ جا 40 سيڪڙو ماڻهو روزاني اجرت تي ڪم ڪن ٿا تنهن ڪري لاڪ ڊائون ناهي لڳائڻو ۽ پنهنجي معيشت تي ڌيان ڏيڻو آهي. هن چيو ته اسان جو اينڌن نوجوان آهن جن کي پاڪستان کي اڳتي وٺي وڃڻو آهي، اميد ??هي ته اهي پاڪستان کي صحيح رخ ۾ وٺي ويندا. هن چيو ته احساس پروگرام تحت اهي خاندان جن جي آمدني 45 هزار کان گهٽ ??هي پنهنجي ٻارن کي اعليٰ تعليم ڏيارڻ چاهين ٿا انهن جي لاءِ پورٽل کليل ??هي هيستائين 2 سالن ۾ ڏيڍ ??ک اسڪالرشپ ڏئي چڪا آهيون، 50 هزار هن سال ڏينداسين. هن چيو ته جيڪي نوجوان ڪامياب پاڪستان پروگرام تحت ڪاروبار ڪرڻ چاهين ٿا انهن کي 5 لک رپيا بنا وياج جي فراهم ڪنداسين. بعد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي فرخ حبيب چيو ته 5 ماڻهو جعلي وڊيو جا ماهر آهن جن جي ڪا حيثيت نه ??هي جڏهن ته انهن تسليم ڪيو جنهن ۾ مريم صفدر ميڊيا تي پابندي هڻي رهي ??هي ميڊيا جو گلو دٻايو پئي ويو، ان مان نظر اچي ٿو ته (ن) ليگ پنهنجي دور ۾ ڪيتري قدر فاشسٽ هئي، پنهنجي چوري تي پڙدو وجهڻ جي لاءِ ميڊيا تي دٻاءُ وڌو پئي ويو، ان آڊيو ٽيپ تي کيس معافي وٺڻ گهرجي، اڄ ڪهڙي منهن سان صحافت جي آزادي جي ڳالهه ڪن ٿا. هن چيو ته (ن) ليگ چئي رهي ??هي ته وڊيو جي فرانزڪ ٿيڻي ??هي ان تي ايترو ئي يقين ??هي ته ان کي عدالت ۾ پيش ڪري ۽ رڪارڊ جو حصو بڻائي، ان سان گڏ 4 فليٽن جون رسيدون به ڏين. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري مملڪتي وزير چيو ته عالمي سطح تي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي سٺي ڳالهه ??هي جيڪڏهن اهي برقرار رهيون ته عوام کي ريليف فراهم ڪيو ويندو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ فرخ حبيب چيو ته جوڊيشل ريفارمز تي حڪومت ڪم ڪري رهي ??هي سمورين ڌرين سان مشاورت کانپوءِ قانونسازي جي لاءِ اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو.