اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ??ه اڄ پوري قوم اي پي ايس سانحي جي شهيدن کي خراج عقيدت ۽ سلام پيش ڪري رهي آهي، ان سانحي پوري دنيا کي ڌوڏي ڇڏيو هو، ايس پي ايس سانحي جي شهيدن جي ستين ورسي تي پنهنجي پيغام ?? فرخ حبيب چيو ته حڪومت سميت پوري قوم ايس پي ايس شهيدن جي پوئينرن سان گڏ بيٺل آهي، هن چيو ته پا??ستان جي تاريخ ۾ اي پي ايس جي معصوم هيروز جي قربانين کي سدائين ياد رکيو وي??دو. مملڪتي وزير چيو ??ه اي پي ايس سانحي پوري قوم کي متحد ڪري ڇڏيو، پا??ستان جي هٿياربند فوج، سيڪيو??ٽي فورسز ۽ عوام دهشتگردي جي خلاف قربانيون ڏنيون. مملڪتي وزير چيو ته پا??ستان ۾ دهشتگردي، انتهاپسندي جي ڪا به گنجائش نه آهي، اسان کي پنهنجي هٿياربند فوج ۽ سيڪيو??ٽي فورسز تي فخر آهي، جنهن پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪري امن قائم ڪيو آهي.