اسلام آباد – 23 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو ??هي ته اف??ان??تان ۾ انساني بحران بابت آگاهي جي لاءِ پنهنجو آواز بلند ڪندس، آئون چاهيان ٿو ته عا??مي برادري ان مسئلي تي قدم وڌائي. وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ”افغانين جون حياتيون بچايو“ جو هيش ٽيگ به لڳايو. هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته اف??ان??تان ۾ انساني بحران بابت آگاهي جي لاءِ پنهنجو آواز بلند ڪندس. آئون چاهيندس ته عوام اف??ان??تان ۾ پيدا ٿيندڙ ان انساني بحران بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ عا??مي قدمن ۾ ساٿ ڏي جنهن انساني بحران سان اف??ان??تان ۾ لکين ماڻهو خاص طور تي ٻارن جي زندگين کي بک ۽ غربت جو خطرو آهي. گذريل ڇنڇر ڏينهن به پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر عا??مي برادري تي زور ڏنو ته اها افغان عوام کي فوري انساني ريليف فراهم ڪري، جنهن کي سخت غذائي کوٽ درپيش آهي. هن چيو ته عا??مي برادري جي لاءِ اهو فوري نوعيت جو معاملو ??هي ۽ گڏيل قومن جي متفقه طور تي اختيار ڪيل پرنسپل آف ريسپانسبلٽي ٽو پروٽيڪٽ (پي آر 2 پي) تحت غذائي کوٽ جو شڪار لکين افغانين کي فوري انساني ريليف جي فراهمي انهن جي ذميواري آهي. وزيراعظم ٽوئيٽ سان گڏ ڊيلي گارڊين ۾ ڇپجندڙ هڪ نيوز اسٽوري پڻ ٽيگ ڪئي جنهن ۾ اڳوڻي برطانوي وزيراعظم گورڊن برائون جو لکيل هڪ آرٽيڪل ??هي جنهن ۾ هن برطانوي فارن سيڪريٽري لزٽورس کي چيو ??هي ته هو اف??ان??تان جي لاءِ ساڍا 4 ارب ڊالر جمع ڪرڻ جي لاءِ ڊونر ڪانفرنس گهرائي. هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن خوراڪ جو فوري انتظام نه ڪيو ويو ته 2 ڪروڙ 30 ل?? ماڻهن کي غذائي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. هن چيو ته برطانيا کي ان ڪم ۾ ليڊ ڪرڻ گهرجي ته جيئن افغانين جي امداد ڪري سگهجي. گڏيل قومن پاران سال 2022ع جي لاءِ پنهنجي تاريخ جي سڀ کان وڏي ساڍا چار ارب ڊالر جي اپيل ڪئي وئي آهي.