اسلام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته موجوده سياحتي ماڳن کان سياح?? جي رش منتقل ڪرڻ لاءِ نوان سياحتي ماڳ بڻايا وڃن، پاڪستان قدرتي حسن سان مالا مال آهي ۽ اسان کي انف??اس??رڪچر ۽ رهائش سميت سياحتي سهولتن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي، وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم وزيراعظم جي سياحتي رابطن واري خاص مددگار اعظم جميل ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ ۾ سياحتي شعبي جي فروغ بابت لاڳاپيل معاملن تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ان موقعي تي هدايت ڪئي ته موجوده مصروف سياحتي ماڳن کان سياح?? جي ??ش گهٽ ڪرڻ لاءِ ملڪ جي ناردرن ايرياز ۾ خاص طور تي سردي جي موسم ۾ متب??دل سياحتي ماڳ بڻايا وڃن، هن چيو ته پاڪستان قدرتي حسن سان مالا مال آهي ۽ اسان کي پنهنجي انفرااسٽرڪچر ۽ هائوسنگ سميت سياحتي سهولتن کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي، هن هدايت ڪئي ته گورنر هائوس نٿيا گلي کي بحال ڪري رياستي مهمان?? جي لاءِ خاص طور تي اهم سياحتي مرڪز طور تي ڊولپ ڪيو وڃي، هن هدايت ڪئي ته نجي شعبو خدمتون به ملڪ جي سياحت جي فروغ جي لاءِ حاصل ڪيون وڃن.