اسلام آباد – 07 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ عوام جي ??طح تي رابطا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ??رورت تي زور ڏيندي سعودي عرب جي ??لامتي، خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي لاءِ پاڪستان جي ڀرپور حمايت کي ورجايو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي گهرو وزير شهزاده عبدا??عز??ز بن سعود بن نائف بن عبدا??عز??ز آل سعود سان ڳالهائيندي ڪيو ج??هن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم عمران خان اسلامي اتحاد کي فروغ ڏيڻ ۾ خادم حرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدا??عز??ز السعود جي قائداڻي ڪردار کي ساراهيو ۽ خطي ۽ دنيا ۾ امن ۽ سلامتي جي لاءِ سعودي عرب جي ڪوششن جو اعتراف ڪيو. وزيراعظم سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي ??عودي عرب جي ??رقي ۽ خوشحالي جي ويزن ۽ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ پائيدار ڀائراڻن لاڳاپن جي لاءِ اڻٿڪ ڪردار کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم خاص طور تي مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي ڀرپور حمايت تي سعودي عرب جا ٿورا مڃيا. هن پاڪستان کي ڏني ويندڙ تازي مالي امداد تي پڻ سعودي قيادت جا ٿورا مڃيا. سعودي عرب جي ??لاف حوثي مليشيا جي ??ملن جي مذمت ڪندي وزيراعظم عمران خان سعودي عرب جي ??لامتي، خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت کي ورجايو. وڏي انگ ۾ پاڪستانين جي ميزباني تي سعودي قيادت جا ٿورا مڃيندي وزيراعظم عوامي سطح تي رابطا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ??رورت تي زور ڏنو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڏوهارين جي مٽاسٽا جي معاهدي جي ??والي سان وزيراعظم عمران خان اميد ظاهر ڪئي ته ان فريم ورڪ جي ??ريعي سعودي عرب ۾ پاڪستاني قيدين جي هڪ وڏي انگ کي پاڪستان واپس موڪليو ويندو. شهزاده عبدا??عز??ز وزيراعظم کي سعودي ولي عهد پاران خيرسگالي جو پيغام پهچايو ۽ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ويجهن ڀائراڻن لاڳاپن کي ورجايو. هن سعودي عرب جي ??رقي ۾ پاڪستانين جي مثبت ڪردار جو پڻ اعتراف ڪيو ۽ پنهنجي وزارت سان لاڳاپيل معاملن ۾ پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي ??زم کي ورجايو. پاڪستان ۽ سعودي عرب ڀائراڻن رشتن ۾ ڳنڍيل آهن جيڪي گڏيل اعتماد، هم آهنگي، ??يجهي تعاون ۽ هڪ ٻئي جي مستقل حمايت تي ٻڌل آهن.