ماسڪو – 24 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ۽ روس جي نائب وزيراعظم اليگزينڊر نوواڪ ٻنهي ملڪن جي معاشي لاڳاپن ۽ خاص طور تي ت??انائي جي شعبي ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ واپار، سيڙپڪاري، ريلوي ۽ توانائي سميت مختلف شعبن ۾ موجوده تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪندي ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته بين الحڪومت?? ڪميشن مختلف منصوبن تي وڌيڪ اڳڀرائي جي لاءِ انتهائي اهم پليٽ فارم آهي. روس جي نائب وزيراعظم اليگزينڊر نوواڪ وفد سان گڏ وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪس??ان روس اقتصادي لاڳاپن ۽ توانائي جي شعبي ۾ تعاون تي خصوصي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڪاروباري ماحول ۾ بهتري جي لاءِ مختلف شعبن ۾ حڪومت جي سڌارن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم عمران خان ان يقين جو اظهار ڪيو ته روس?? ڪمپنيون ۽ ڪاروباري ماڻهو پاڪس??ان جي بهتر ڪاروباري ماحول مان فائدو کڻنديون ۽ پاڪس??ان جي معيشت جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪنديون. وزيراعظم پاڪس??ان ۽ روس جي وچ ۾ فليگ شپ اقتصادي منصوبي طور ??اپار، سيڙپڪاري، ريلوي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جي موجوده سطح تي اطمينان جو اظهار ڪندي ڌرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته بين الحڪومت?? ڪميشن مخصوص منصوبن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم آهي. ملاقات کانپوءِ وزيراعظم عمران خان آجياڻي ت?? پاڪس??ان ۽ روس جي ناليوارن ڪاروباري ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪس??ان 22 ڪروڙ کان وڌيڪ جي مارڪيٽ طور ??اپار ۽ سيڙپڪاري جا موقعا فراهم ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته مارچ ۾ پاڪس??ان ۾ ٿيندڙ سيڙپڪاري ڪانفرنس سان ميٽالرجيڪل، توانائي، تعميرات ۽ تيل ۽ گئس ڪمپنين جي لاءِ پاڪس??ان ۾ وڏي پئماني ت?? موقعن مان فائدو کڻڻ ۾ مدد ملندي. تقريب کي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود پڻ خطاب ڪيو. وزيراعظم اعليٰ سطحي وفد سان گڏ روس جو ٻن ڏينهن جو دورو ڪري رهيو آهي. ان کان اڳ وزيراعظم ڪريملن ۾ صدر پيوٽن سان پڻ ملاقات ڪئي.