اسلام آباد – 30 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ کي ??ماجي ۽ اقتصادي ترقي جي شاهراهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ بي پناهه قربانيون ۽ خدمتون انجام ڏيڻ تي سمورن پورهيتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته موجوده چٽاڀيٽي جي دور ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ افرادي قوت کي ??ديد ترين فني ۽ پيشيوراڻي مهارتن سان ليس ڪرڻ جي ضرورت آهي، اهڙي طرح علائقائي انضمام ۾ اضافي جي نتيجي ۾ اڀرندڙ معاشي موقعن مان ڀرپور فائدو کڻي سگهجي ٿو، يوم مزدور جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته آئون پنهنجي قوم پاران انهن ??ورهيت مردن ۽ عورتن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جنهن ??اڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ بي پناهه قربانيون ۽ خدمتون انجام ڏنيون. اهو ڏينهن ??اڪستاني افرادي قوت جي طاقت، ڪردار، قابليت ۽ پنهنجي ملڪ جي دنيا ۾ هڪ خوشحال ۽ ترقي پسند قوم بڻائڻ لاءِ لگن جي علامت آهي، هن چيو ته قوم انهن سمورن پورهيتن جي ٿورائتي آهي جنهن ??اڪستان جي ترقي جي عمل ۾ پنهنجو پگهر ۽ رت ڏنو ۽ ملڪ کي ??ماجي ۽ اقتصادي ترقي جي شاهراهه تي گامزن ڪرڻ ۾ مدد ڪئي، صدر چيو ته ان ڏينهن ??اڪستان سمورن پورهيتن ۽ انهن جي خاندانن لاءِ هڪ سازگار ماحول ۽ اعليٰ معيار زندگي فراهم ڪرڻ لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو. پورهيت جي عظمت تي اسان جو يقين پهرين کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ مضبوط آهي ۽ اسان ڄاڻون ٿا ته صرف هڪ خوشحال ۽ مطئمن افرادي قوت ئي ملڪ جي معاشي ترقي ۾ پنهنجو حصو وجهي سگهي ٿي، مون کي ??وشي آهي ته پاڪستان پنهنجي ليبر فورس جي فلاح ۽ ڀلائي جي لاءِ سماجي تحفظ جي پروگرامن جي ذريعي صحت جي بيمه، خوراڪه، رهائش ۽ مالي امداد فراهم ڪري ۽ گهٽ کان گهٽ اجرت ۾ اضافو ڪري ڪيترائي قدم کنيا آهن. صدر عارف علوي چيو ته اڄ جي دنيا انتهائي چٽاڀيٽي واري آهي ۽ اسان جو اڳتي وڌڻ جو واحد رستو هڪ اهڙي افرادي قوت آهي جيڪا جديد ترين فني ۽ پيشيوراڻي مهارتن سان ليس هجي، پاڪستان کي پنهنجي افرادي قوت جي مهارت کي پروان چاڙهڻ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن علائقائي انضمام ۾ اضافي جي نتيجي ۾ اڀرندي معاشي موقعن مان ڀرپور فائدو کڻي سگهجي. اسان ان ڳالهه کان به واقف آهيون ته گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ سمورن پورهيتن کي مناسب حق فراهم ڪرڻ جي ڪوشش جي لاءِ مسلسل ڌيان جي ضرورت آهي، هن چيو ته آئون هڪ ڀيرو ٻيهر پوري پاڪستان جي پورهيتن کي ??لام پيش ڪريان ٿو ۽ انهن جي مستقبل جي ڀلائي ۽ خوشحالي جي لاءِ دعا ڪريان ٿو.