اسلام آباد – 06 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سامو??ڊي سياحت ۽ بليو اڪانامي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي سمنڊ، جذيرن ۽ سامو??ڊي ماڳن کي عالمي معيار موجب ترقي ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته فري سروس جي ذريعي سامو??ڊي چرپر سان سامو??ڊي علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن کي مناسب ۽ سستي سفري سهولتون ملنديون. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان بوٽ ريلي اينڊ فشنگ ٽورنامينٽ جي سي اي او احمد مامور اميني سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي عالمي رابطن واري وزارت جو سيڪريٽري احمد حنيف اورڪزئي، ميري ٽائيم افيئرز واري وزارت، پاڪستان اسپورٽس بورڊ ۽ پاڪستان ٽوئرازم ڊيولپمينٽ ڪارپوريشن جا نمائندا موجود هئا. صدر چيو ته فيري سروس سان پاڪستاني سامان جي ٻين حصن تي چرپر جو هڪ عمل جوڳو وسيلو ميسر ٿيندو. فيري سروس سان بندرگاهن ۽ سياحتي ماڳن جي ت??قي کانسواءِ سياحت کي به فروغ ملندو. صدر چيو ته پاڪستان جي سامو??ڊي پٽيءَ کي ان جي ڀرپور صلاحيتن موجب ترقي ڏيڻ گهرجي. سامو??ڊي علائقي جي ت??قي سان سامو??ڊي علائقن ۾ معاشي سرگرمين کي فروغ ۽ مقامي آبادي کي روزگار ملندو. صدر چيو ته سامو??ڊي علائقي جي ت??قي سان پاڪستان جي منفرد جيو اڪنامڪ جاگرافيائي بيهڪ کي اجاگر ڪرڻ ۾ مدد ملندي. صدر سامو??ڊي سفر جي فروغ لاءِ ضروري بنيادي ڍانچي جي ت??مير جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته سامو??ڊي سفر جي فروغ لاءِ سڀني ڌرين جي مشاورت سان سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. لاڳاپيل اد??را هڪ ٻئي سان ويجهي هم آهنگي سان ڪم ڪن. هن چيو ته باقاعده، رسمي ۽ قانوني سامو??ڊي سفر کي ڪامياب بڻائڻ ۾ سڀني لاڳاپيل اد??رن کي پنهنجو ڪردار اد?? ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته پاڪستان عالمي سامو??ڊي راندين جو مقابلو منعقد ڪرڻ ڪافي آمدني ڪمائي سگهي ٿو. بوٽ ريلي کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ سڀئي ڌريون گڏجي ڪم ڪن. صدر کي ان موقعي تي پاڪستان ۾ سامو??ڊي سياحت جي امڪانن بابت بريفنگ به ڏني وئي. صدر کي پاڪستان ۾ بليو ٽوئرازم جي امڪانن ۽ پاڪستان جي سافٽ اميج کي بلند ڪرڻ ۾ پاڪستان بوٽ ريلي ۽ فشنگ ٽورنامينٽ جي ڪردار بابت ٻڌايو ويو. گذريل سال پاڪستان بوٽ ريلي ڪراچي کان گوادر تائين 9 بيڙين تي پنج ڏينهن ۽ چار راتين سان 650 ڪلوميٽر جو سفر ڪيو جنهن کي دنيا جي سڀ کان ڊگهي بوٽ ريلي جو نالو ڏنو ويو. پاڪستان بوٽ ريلي هڪ عالمي ايونٽ ٿيڻ وڃي رهيو آهي جنهن ۾ ڀرپاسي جي ملڪن جا ٻيڙي هلائيندڙ به شرڪت ڪندا.