فيصل آباد – 10 – آگسٽ (اي پي پي) آچر 14 آگسٽ تي آزادي جي ڏهاڙي جي ??ناسبت سان فيصل آباد ڊويزن جي سڀني وڏن ۽ ننڍن شهرن ۾ جڳهه جڳهه تي قومي جھنڊا، جھنڊيُون، اسٽيڪر، بيجز، ٽوپيون، ٽي شرٽس ۽ اهڙي طرح جو ٻيو سامان اسٽالن تي اچڻ ش??وع ٿي ويو آهي. جتي وڏي تعداد ۾ آزادي جي ڏهاڙي بابت انتهائي خوبصورت، دلڪش ۽ سجاوٽ جو سامان وڪري جي ??اءِ رکيو ويو آهي. جنهن ۾ ٻار، پوڙها ۽ جوان ڀرپور دلچسپي وٺي رهيا آهن. ٻئي طرف سڀني اهم سياسي پارٽين به آزادي جي ڏها??ي جون تقريبون پروقار طريقي سان ملهائڻ جو علان ڪيو آهي. سياسي پارٽين جي اڳواڻن عوام کي اپيل ڪئي آهي ته آزادي جي ڏهاڙي جي ??وقعي تي فضول خرچي کان پاسو ڪيو وڃي ۽ پنهنجي رقم غريبن کي عطيو ڪري بي سهارن، يتيمن، مسڪي??ن، بيواهن ۽ ضرورتمند ماڻهن جي ??دد ڪئي وڃي. ته جيئن هو به آزادي جي ڏها??ي جي خوشين ۾ پنهنجو حصو وجهي سگهن.