اسلام آباد – 18 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ گير وڻڪاري جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻيلن ۾ اضافي سان پائيدار ترقي جي فروغ، ملڪ کي ماحول دوست بڻائڻ ۽ ايندڙ نسلن جو مستقبل محفوظ بڻائڻ ۾ مدد ملندي. قومي چوماسي وڻڪاري مهم شروع ٿيڻ تي پنهنجي پيغام ۾ هن ??يو ته موسمياتي تبديلي ۽ عالمي گرمي پد ۾ اضافو دنيا جي مختلف حصن ۾ گليشيئر پگهرجڻ ۽ ٻوڏ جو سبب بڻجي رهيو آهي. پاڪستان جو ماحولياتي نظام به موسمياتي تبديلي، گلوبل وارمنگ ۽ ٻيلن جي واڍيءَ جي ڪري خطري ۾ ورتل آهي. هڪ تازي رپورٽ م??جب پاڪستان موسمياتي تبديلي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ اٺون ملڪ آهي. پاڪستان، فلپائن ۽ هيٽي جهڙن ملڪن کي اڪثر قدرتي آفتن کي منهن ????ڻو پوي ٿو. پاڪستان کي عالمي حدت ۽ موسمياتي تبديلين جي ڪري اٽڪل هر سال ٻوڏ جهڙي صورتحال کي منهن ????ڻو پوي ٿو ۽ اربين رپين جو نقصان به برداشت ڪرڻو پوي ٿو. هن ??يو ته هڪ اندازي م??جب گذريل 19 سالن ۾ پاڪستان کي ماحولياتي تبديلي سان واڳيل 173 واقعن کي منهن ????ڻو پيو ۽ هن سال به پاڪستان کي ٻوڏ صورتحال ۽ برساتن جي ڪري تباهي کي منهن ????ڻو پيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ ٻين قدمن کانسواءِ وڌ کان وڌ وڻ لڳائڻ ۽ وڻڪاري مهم سان پاڪستان جي قدرتي ماحول جي تحفظ، ٻيلن ۾ اضافي ۽ عالمي حدت جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. صدر چيو ته عالمي معيار م??جب ڪنهن به ملڪ جي ٻيلن جي ايراضي اتڪل 25 سيڪڙو هجڻ گهرجي جڏهن ته عالمي بئنڪ جي سال 2020ع جي رپورٽ م??جب پاڪستان ۾ ٻيلن جي ايراضي اٽڪل 4.8 سيڪڙو آهي. اسان کي پاڪستان ۾ وڌ کان وڌ ٻيلا لڳائڻ جي لاءِ پنهنجي ڪوششون ۾ وڌيڪ تيزي آڻڻي پوندي.