اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف پارٽي جي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن جو اهم اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو آهي. وزيراعظم جي صد??رت ۾ اجلاس اڄ ٻنپهرن جو 12 وڳي ٿيندو. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي پارٽي ميمبرن کان ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امدادي ڪاررواين جو جائزو وٺندو. ٻوڏ متاثرين جي ريسڪيو، ريليف ۽ بحالي جي قدمن، شڪايتن ۽ دادرسيءَ بهتر ب??ائ?? تي مشاورت ٿيندي. هن چ??و ته وزيراعظم قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي پارٽي ميمبرن کي ٻوڏ متاثرين جي ريليف جي ڪمن ۾ هٿ ونڊرائڻ جي هدايت ڪ??ي هئي ان تي عملدرآمد جو جائزو ورتو ويندو. وزيراعظم قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي پارٽي ميمبرن کي تڪ وارن امدادي ڪمن تي مامور ڪندو. اجلاس جو مقصد ٻوڏ متاثرين جي لاءِ امدادي ڪارروائي ۾ تڪن جي سطح تي حصيداري عمل کي بهتر ب??ائ?? آهي.