اوسته ??حمد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريس ڇنڇر ڏينهن جعفرآباد ضلعي جي ٻو?? سبب بري طرح متاثر علائقي اوسته ??حمد جو دورو ڪيو. بلوچستان جي چيف سيڪريٽري وزيراعظم شهباز شريف ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي چوماسي جي تازين برساتن ۽ ٻو??، ٻو?? کانپوءِ سموري صو??ي ۾ امداد ۽ بحالي جي ڪوششن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم شهباز شريف ان موقعي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي ٻڌايو ته بلوچستان ايراضي جي لحاظ کان پاڪستان جو سڀ کان وڏو صو??و آهي ۽ لاڳاپيل عملدارن کي ڏورانهن علائقن تائين پهچڻ ۾ مشڪلاتون درپيش آهن، هن ٻڌايو ته ٻو?? سبب بنيادي ڍانچي، رستن ۽ رابطي جي پلن کي شديد نقصان پهتو آهي، وزيراعظم چيو ته ٻو?? سبب متاثر ماڻهن جي بحالي هڪ وڏو چئلينج آهي، وفاقي حڪومت رليف جي سرگرمين ۾ صو??ائي حڪومت سان سهڪار ڪري رهي آهي تنهن هوندي به ايتري وڏي چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ لاءِ عالمي برادري کي پاڪستان جي مدد لاءِ اڳتي اچڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته بلوچستان قدرتي وسيلن سان مالا مال صو??و آهي ۽ سندس حڪومت بلوچستان جي ترقي تي ڌيان ڏئي رهي آهي. بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو ان موقعي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي ٻڌايو ته ريسڪيو، رليف ۽ بحالي جي ڪوششن لاءِ صو??ائي حڪومت پنهنجا سمورا وسيلا استعمال ?? آڻي رهي آهي. هن ٻو?? متاثر ماڻهن جي امداد لاءِ عالمي برادري کان امداد جي اپيل ڪئي، ان کان اڳ اوسته ??حمد پهچڻ تي بلوچستان جي وقتي گورنر ۽ وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو وزيراعظم ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو استقبال ڪيو. اي پي پي/ر – م/س – و 15:43